بلڙي شاهه ڪريم لڳ حادثي ۾ نوجوان دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو

بُلڙي شاهه (ڪريم رپورٽ احسان علي انصاري ) ملاڪاتيار ويجھو ٽنڊو محمد خان ملاڪاتيار روڊ تي پراڻي بٺيءَ وٽ ٽرڪ ۽ موٽر سائيڪل  وچ زوردار ٽڪر ٿي پيو جنھن جي نتيجي ۾ ڳوٺ پتاشو بڙدي سان تعلق رکندڙ 16 سالا  ڳڀرو  نوجوان شھزاد پٽ نصير بڙدي موقعي تي فوت ٿي ويو اھڙي واقعي جي اطلاع تي حد جي ملاڪاتيار پوليس نوجوان  جي لاش کي بغير ڪنھن ضروري ڪارروائي جي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو  جو مڙھ ڳوٺ پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام متل ، جڏھن تہ ڊرائيور  ٽرڪ ڇڏي فرار ٿي ويو  سميت ملاڪاتيار پوليس پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.