دريا خان مري لڳ زمين جي مالڪي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو

دريا خان مري  ( ن ع آ ) دريا خان مري ڀرسان ڳوٺ حاجي جوايو سيال  ۾ زرعي زمين جي مالڪي تان سيال برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، جھيڙي دوران ڪھاڙيون ڏنڊا ۽ سروٽا لڳڻ ڪري 6 ڄڻا زڪير سيال، منٺار سيال، ظھير سيال, پھلوان سيال، حب علي سيال، ارشاد سيال سخت زخمي ٿي پيا زخمين کي فوري طور تي علاج لاءِ رورل ھيلٿ سينٽر پڊعيدن منتقل ڪيو ويو زخمي ٿيل زڪير سيال ۽ ارشاد جي حالت ڳڻتي جوڳي ھجڻ ڪري کين نوابشاھ اسپتال ريفر ڪيو ويو جھيڙي جي پڊعيدن ٿاڻي تي اين سي داخل ڪري ٻنھي ڌرين جا ماڻھون گرفتار ڪيا آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.