بدين: ماستري لاءِ ٽيسٽ ڏيندڙ اميدوارن جو 33 مارڪن تي پاس قرار ڏيڻ لاءِ احتجاج

بدين ۾ ماستري لاءِ ٽيسٽ ڏيندڙ اميدوارن پاران 33 مارڪن تي پاس قرار ڏيڻ لاءِ احتجاج ڪيو ويو.

آءِ بي اي ذريعي ماستري لاءِ ٽيسٽ ڏئي 33 مارڪون کڻندڙ اميدوارن غلام نبي، نور حسن کوسو، شعيب ڀرڳڙي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايوان صحافت آڏو احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ سرڪار 18 تعلقن کي هارڊ ايريا ڄاڻائي اميدوارن کي 33مارڪن تي پاس ڪري ٽريننگ جو ڊرامو ڪري رهي آهي، جنهن ٻٽي پاليسي جي سخت مخالف ڪجي ٿي.

سندن چوڻ هو ته سموري سنڌ ھارڊ ايريا ٿي چڪي آهي، جنهن لاءِ 40 سيڪڙو وارو شرط ختم ٿيڻ گھرجي.

اڳواڻن مطالبو ڪيو ته پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي ۾ 33 مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي پاس قرار ڏئي آرڊر جاري ڪيا وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.