جيا بچن جو نئين ٽَهي کي شادي بابت وڏو مشورو

ممبئي(ويب ڊيسڪ)ناليواري ڀارتي سياستدان ۽ اداڪارا جيا بچن نئين نسل کي شادي جي حوالي سان هڪ اهم مشورو ڏنو آهي.

جيا بچن تازو ئي پنهنجي هڪ انٽرويو دوران نئين نسل کي شادي جي حوالي سان مشورو ڏيندي چيو آهي ته شادي اهڙي انسان سان ڪرڻ گهرجي جيڪو اوهان جو سٺو دوست هجي.

هن چيو ته مان هاڻي شادي کي پريڪٽيڪل انداز ۾ ڏسندي آهيان ڇو ته اڄڪلهه جي ماڻهن ۾ جذبن جي وڏي کوٽ ٿي وئي آهي، انڪري مونکي لڳندو آهي ته توهان کي سڀ کان اڳ هڪ سُٺو دوست هئڻ ضروري آهي.

جيا بچن چيو ته ٻن ماڻهن کي سڌي ريت آرام سان اهو چوڻ گهرجي ته مان توهان کي پسند ڪندو يا ڪندي آهيان ۽ توهان سان ڪجهه رومانوي لاڳاپا چاهيان ٿو يا چاهيان ٿي.

ناليواري اداڪارا ۽ سياستدان جو وڌيڪ چوڻ هو ته جيڪڏهن انکانپوءِ ٻنهي کي لڳي ته اهي هڪٻئي سان صحيح لاڳاپن ۾ آهن ته پوءِ شادي ڪري ڇڏين ڇو ته اسان جو معاشرو اسان کان اها ئي اميد رکندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.