پي ٽي آءِ لانگ مارچ ٻئي ڏينهن شاهدرا مان نڪري رچنا ٽائون تي ختم

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جو لانگ مارچ ٻئي ڏينهن شاهدرا مان رچنا ٽائون پهچي ختم ٿي ويو.

پي ٽي آءِ مارچ ٻئي ڏينهن لاهور جي علائقي شاهدرا مان شروع ٿيو جنهن ۾ ڪارڪنن شرڪت ڪئي.

مارچ جي شروعات ۾ خطاب ڪندي پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان چيو ته هو رڳو ٻڌائڻ لاءِ نڪتو آهي ته آزادي ڇا ٿيندي آهي، غلام رڳو سٺو غلام ٿيندو آهي، ڪڏهن مٿي ناهي ٿيندو، پهريون کين چور ڪوٺيو ويندو آهي پوءِ انهن کي مٿان مڙهيو ويندو آهي، اسان ٻڪريون ناهيون جو فيصلو مڃون.

شاهدرا مان روانو ٿي لانگ مارچ فيروزوالا پهتو جتي آجيان ڪيمپ تي موجود ڪارڪنن پاران عمران خان جي ڪنٽينر تي گلن سان ڪئي وئي ۽ اتي به پي ٽي آءِ چيئرمين خطاب ڪيو.

فيروزوالا مان لانگ مارچ جا ڪارڪن رچنا ٽائون پهتا جتي لانگ مارچ جو ٻيو ڏينهن ختم ٿيو.

لانگ مارچ جي ٽين ڏينهن جي شروعات مريدڪي مان ٿيندي جتان ڪارڪن گوجرانوالا لاءِ نڪرندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.