عظيم برطانيا جو پھريون ڪاري چمڙيءَ وارو وزيراعظم

انور ساجدي

نسل پرست برطانوي ليڊر اينڪ پاول 55 سال اڳ اڳڪٿي ڪئي ھئي تھ جيڪڏھن ننڍي کنڊ مان لڏپلاڻ ڪري ايندڙ ساڳي تعداد ۾ ايندا رھيا تھ 25 سالن بعد برطانيا جو وزيراعظم ڪو انگريز نھ بلڪھ ”چوڌري نوردين “ ھوندو.اھا اڳڪٿي 25 سال تھ نھ پر 50 سال ۾ پوري ٿي رھي آھي،”رشي سونڪ“ انگلستان جي تاريخ جو پھريون انڊين پھريون ھندو ۽ پھريون ڪاري چمڙيءَ وارو وزيراعظم بڻجي ويو آھي.ان کان اڳ پاڪستاني ڄائي صادق خان عمران خان جي سالي کي شڪست ڏئي ڪري لنڊن جو ميئر بڻيو ھو.لاٿل وزيراعظم بورس جانسن  جي ڪابينا ۾ ڪيترائي ھندوستاني ۽ پاڪستاني وزير ھئا.۽ رشي سونڪ ناڻي وارو وزيرھو،اھو جيڪو معجزو ٿيو آھي يا انقلاب آيو آھي،اھو غيرجمھوري مسلمان ملڪن ۽ بادشاھتن ۾ ممڪن نھ آھي،ڪنھن بھ مسلمان ملڪ کي وٺو اتي توھان جا ڪيترن ئي نسل گذري وڃن اھي توھان کي نيشنلٽي نٿا ڏين،پر يورپي قومون قانون جي حد تائين پنھنجن سمورن شھرين کي برابر جو درجو ڏيندا آھن.

رشي سونڪ جو ڏاڏو ورھاڱي جي ڪري لڏپلاڻ گوجرنوالا مان ھندوستان ھجرت ڪئي ھئي ۽ پوءِ 1960 جي ڏھاڪي ۾ انگلينڊ  ھليو ويو. ان زماني ۾ شھريت گھڻي آسان ھوندي ھئي،تنھنڪري اھو برطانوي شھري بڻجي ويو. 42 سالن جو رشي سونڪ اتي ئي پيدا ٿيو،وڌيو ويجھو ۽ وڏو ٿيو ،آڪسفورڊ يونيوسٽي مان اڪانامڪس جي ڊگري ورتي ھو پنھنجي قابليت جي سھاري جانسن جي ڪابينا ۾ ناڻي جو وزير ٿيو.

ڪجھھ مھينا اڳ ھن قدامت پسند پارٽي جي اندر قيادت وٺڻ جي ڪوشش ڪئي پر گوري چمڙيءَ وارن ميمبرن خاتون لزٽرس کي اوليت ڏني ھئي.پر اھا پڻ برطانيا جي تاريخ جي ناڪام ترين وزيراعظم ثابت ٿي.ان ڪري گوري چمڙيءَ وارن جي مجبوري ٿي پئي جنھنڪري ھڪ ڪاري چمڙيءَ واري کي ھن عھدي تي چونڊيو ويو،اھڙين حالتن ۾ جڏھن برطانيا سميت سمورو اولھھ يورپ اقتصادي زبون حالي جو شڪار آھي.رشي سونڪي کي وڏن چئلينجز کي منھن ڏيڻو پوندو،بدقسمتي سان غريب ھئڻ جي باوجود برطانيا فلاحي رياست ھئڻ جو اسٽيٽس تبديل ڪرڻ کان انڪاري آھي،ملڪ ۾ لکن ماڻھون روزگارالائونس وٺي رھيا آھن،تعليم ۽ صحت مفت آھي،جڏھن تھ ھاڻي ان جا وسيلا ھڪ فلاحي رياست کي ھلائڻ جي لاءِ ناڪافي آھن،مٿان کان وري روس ۽ يوڪرين جي جنگ سمورين معيشتن کي نپوڙي ڇڏيو آھي،يورپ جو وڏو حصو ان جنگ جي سبب توانائي جي بحران جو شڪار آھي،فرانس ۾ روزانو لوڊشيڊنگ ٿي رھي آھي،سياري ۾ ڪم ھلائڻ جي لاءِ ٻارڻ جي کوٽ پيدا ٿي وئي آھي،لڳ ڀڳ ساڳيو حال وڏي معيشت جرمنيءَ جو آھي، ھن جنگ جرمني کي آسمان کان ھيٺ ڪيرائي ڇڏيو آھي،ان جا سمورا ڪاروباري ادارا خساري جو شڪار آھن،قرض جو بار وڌي ويو آھي،جڏھن تھ برطانيا سوچي رھيو آھي تھ ڇو نھ آءِ ايم ايف ۽ ٻين ادارن کان قرض ورتو وڃي.صدر پيوٽن ڄاڻي واڻي جنگ کي ڊيگھھ ڏئي رھيو آھي،ھو ٻي مھاڀاري جنگ بعد يورپ کي ڊھندو ڏسڻ چاھي ٿو ۽ ٻڌائي رھيو آھي تھ سرمائيدار يورپ جي خوشحالي روس جي بدولت ھئي ھوڏانھن آمريڪا اھو ئي ڪري رھيو آھي جيڪو ٻي عالمي جنگ دوارن ان ڪيو ھو،اھو يورپ جي جنگ سان سڌي ريت متاثر نھ آھي،وڏي پئماني تي يوڪرين کي اربين ڊالرز جا ھٿيار وڪرو ڪري رھيو آھي ۽ ان جو بل پڻ جرمني فرانس ۽ ٻين خوشحال ملڪن کان وٺي رھيو آھي،آمريڪا اھڙو ماحول تيار ڪري رھيو آھي جيئن روس محدود پئماني تي ايٽمي جنگ تي مجبور ٿي وڃي،آمريڪا بار بار اھو چئي رھيو آھي تھ صدرپيوٽن ايٽمي ھٿيارن جي استعمال تي سوچي رھيو آھي،ائين لڳي ٿو ڄڻ آمريڪا چاھي ٿو تھ روس ڪا اھڙي حرڪت ڪري حالانڪھ روس اھڙي غلطي ڪري ويٺو تھ نھ رڳو يوڪرين ۽ آسپاس جي انساني آبادي تباھ ٿي ويندي بلڪھ روس پڻ انھن اثرن کان محفوظ نھ رھي سگھندو.   ان کانسواءِ سموري دنيا جي معيشيت جو حال خراب ٿي ويندو.

توقع اھا ئي آھي تھ روس جو صدر پيوٽن ان انتھا تائين نھ ويندو ۽ انسانيت کي موت جي دروازي تائين نھ پھچائيندو .پاڪستان جو عوام جو وڌيڪ تعلق جئين تھ برطانيا سان آھي ان ڪري اتي جي معاملن سان ئي دلچسپيءَ آھي. جيڪڏھن رشي سونڪ پنھنجي ماڻھن کي ٽيڪس جي بار ۽ برداشت نھ ڪري سگھڻ جھڙن يوٽلٽي بلز ۽ ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي مان نجات ڏيارڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو تھ ايندڙ ٻھ ٽرم قدامت پسند پارٽي جي حڪومت کي ڪو نھ لوڏي سگھندو،ناڪامي جي صورت ۾ ڪمزور ليبر پارٽي کي ٻيھر موقعو ملندو اھا اقتدار ۾ ايندي. ھن وقت يورپ جي حالت پاڪستان جھڙي يا ان کان بھ بدتر آھي،ورھيھ اڳ آمريڪي ماھرن اھو چيو ھو تھ ھي صدي ايشائي صدي ھوندي ۽ يورپي قومون جو زوال ٿيندو.اھا ڳالھھ سچ ثابت ٿي رھي آھي.ھن وقت چين انڊيا ويتنام بنگلاديش ۽ ٻيا ملڪ تيزيسان ترقي ڪري رھيا آھن.اھو زمانو ويو جڏھن لوھ وڪڻڻ،مشينري وڪرو ڪرڻ تيل يا اسٽاڪ جي ڪاروبار سان دولت مند ٿيندا ھئا.ھي دور نئين ٽيڪنالوجي ۽ سافٽ ويئر جو آھي،ان ڪم ۾ چين پھرين ۽ انڊيا ٻئي نمبر تي آھي.سموريون آمريڪي ديو ھيڪل ڪارپوريشنز جا اڌ کان وڌيڪ سي اي او ھندوستاني آھن جڏھن تھ انڊيا سافٽ ويئر برآمد ڪندڙ سڀني کان وڏو ملڪ بڻجي ويو آھي،حيرت جي ڳالھھ ھي آھي تھ مودي جھڙي تعصب رکندڙ ۽ انتھا پسند وزيراعظم جي باوجود انڊيا 6 سيڪڙي کان وڌيڪ شرح سان ترقي ڪري رھيو آھي.

گذريل مھيني بلوم برگ اعلان ڪيو ھو تھ انڊيا فرانس جي جاءِ وٺي دنيا جي پنجين وڏي معيشيت بڻجي ويو آھي.معاشي ماھرن اھا اڳڪٿي پھرين ئي ڪري چڪا آھن تھ انڊيا 2030 ۾ جرمني جي جاءِ والاريندو.ھاڻي تھ اھو مرحلو ويجھو اچي ويو آھي جڏھن تھ ڪجھھ سالن دوران چين آمريڪا کي پوئتي ڇڏي نمبر ون معاشي طاقت بڻجي ويندو.چين ۾ صدر زي لي پنگ جي آمراڻي پاليسين انساني ۽ بنيادي حقن کي چٿ رکي ڇڏيو آھي پر معاشي ترقي کي اڳتي وڌائي رھيون آھن،صدر شي ڪجھھ سالن ۾ ھڪ ٻيو ڪلچرريولشن برپا ڪري ڇڏيو آھي،جنھن تحت سياسي مخالفن جو صفايو ۽ مذھبي اقليتن کي ناس ڪرڻ جا قدم کنيا پيا وڃن.

عاصمھ جھانگير ڪانفرنس وڏو ڀانڊو ڦاڙي ڇڏيو آھي ۽ ڪيترن ئي ماڻھن جو سافٽ ويئر اپڊيٽ ڪري ڇڏيو آھي،انھن ۾ پرڏيھي وزير بلاول زرداري سندس والد محترم آصف زرداري پڻ شامل آھن.بلاول جوشيلي تقرير ڪندي ڪيتريون ئي ڳالھيون ڪيون،۽ علي وزير جي آزادي جي نعرن تي چيو تھ اوھان اتي وڃي نعرا ھڻو جن علي وزير کي قيد ڪري رکيو آھي.ٻئي ڏينھن ئي کيس پنھنجو خطاب واپس وٺڻو پيو ۽ معافي پڻ وٺڻي پئي.قانون جي  وفاقي اعظم تارڙ جي موجودگيءَ ۾ حساس نعرا لڳا ھئا ان کي پڻ پنھنجي عھدي تان ھٿ ڏوئڻا پيا.

جڏھن تھ آصف علي زرداري کي پڻ اعتراض جوڳن نعرن ۽ خطابن جي مذمت ڪرڻي پئي ھڪ ٻيو اھم واقعو ن ليگ جو نون ججن جي مقرري تي ڳجھو سمجھوتو آھي.ڪالھھ اھا پارٽي جڏھن اپوزيشن ۾ ھئي تھ جمھوريت جي بقا جا ڳڻ ڳائي رھي ھئي پر اقتدار ۾ اچڻ بعد اھا پنھنجي پراڻي ڊگر تي اچي وئي، ان پنھنجي قانون واري وزير کي مجبو رڪيو تھ اھو فرمانبرداري جو مظاھرو ڪري،جنھن تي وزير ائين ڪيو ۽ پوءِ استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.ٻي وڏي جماعت پيپلزپارٽي اھڙي طرح مجبوري جو شڪار نظر اچي ٿي .اڄ تحريڪ انصاف جيڪي نعرا ھڻي رھي آھي ۽ مداخلت جي مخالفت ڪري رھي آھي پر پردي جي پويان اھا پڻ معافيون وٺي رھي آھي،ڇاڪاڻ جو ھن رياست ۾ جمھوريت جي نالي جي ڪا بھ شئي باقي نھ رھي آھي.

آئين جي بالادستي تاحال ھڪ خواب آھي.پاڪستان جو عوام ماضي جيان ٻيھر جمھوريت جي پھرين ڪلاس ۾ پھچي وئي آھي ۽ ان جا سياسي قائد بالغن واري اسڪول ۾ ٻھ ڏون چار جي کوڙھي جي مشق ڪري رھيا آھن،ان جي باوجود ڪنھن ۾ انڪار جي طاقت نھ آھي،ھي ماڻھون اقتدار جا اھڙا شوقين ٿي ويا آھن،جو پنھنجي توھين جي بدلي ۾ بھ انھن کي ھٿ  ٺوڪيو اقتدار گھرجي.ايندڙ مهيني نومبر ۾ جيڪا تبديلي ايندي ان بعد سياستدانن جو ڇا حال ٿيندو اھو ان وقت ئي پتو پوندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.