هي تاريخ جو مڪافات عمل آهي

 امداد قاضي

ملڪ کي آمريڪا جي ڳيجھو ۽ مسواڙي  رياست بڻائڻ جي مخالفت ڪندڙ غدار، ملڪ جي پورھيتن جا حق گهرندڙ غدار.ملڪ کي سيڪيورٽي نھ فلاحي رياست  بڻائڻ جو مطالبو ڪندڙ غدار، ملڪ کي قومن جو قيد خانو نھ.1940 جي موجب ٺهراءُ  رضاڪاراڻي وفاق بڻائڻ جو مطالبو ڪندڙ غدار، ايستائين جو ووٽ جو حق گهرندڙن کي بھ غدار چوندڙن کي، هاڻي خود غداري جي الزامن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ان کي چئبوآهي ته جيڪو پوکيندؤ سو ئي لڻندؤ!

هي تاريخ جو مڪافات عمل آهي. 1951ع ۾ ملڪ جي بي خوف ۽ بي غرض قيادت کي گرفتار ڪري ھڪ ڪوڙو مقدمو راولپنڊي سازش ڪيس قائم ڪيو ويو ۽ 1954ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان کي ان جي سمورن محاذن سميت غيرقانوني قرار ڏئي ڪري ظلم جو ختم نھ ٿيندڙ  سلسلو شروع ڪيو ويو. ڪميونسٽ پارٽيءَ جو ڪهڙو ڏوھھ ھو ؟

حقيقت ۾ 1951ع ۾ به جهيڙا اڄ وانگر هئا. جنرل اڪبر خان پروموشن ۾ پنھنجي حق مارڻ ۽ ڪشمير ۾ جنگبندي ڪرائڻ ۽جنرل ايوب جي فوجي سربراھ بڻجڻ خلاف فوجي بغاوت ڪري اقتدار تي قبضو ڪرڻ پئي چاھيو.

جنرل ايوب کي آمريڪا فوج جو سربراهه مقرر ڪرايو ھو.تنھنڪري ان کي هٽائڻ لاءِ سوويت يونين جي مدد گهربل  ھئي. ان ڪري ڪميونسٽ پارٽي کي چيو ويو ته فوجي بغاوت ۾ ساٿ ڏنو وڃي.حمايت ڪري ته اقتدار ڪميونسٽ پارٽي جي حوالي ڪيو ويندو. پر پارٽي سياست ۾ فوج جي مداخلت کي رد ڪري ڇڏيو ھو. ان باوجود جنرل ايوب ڪميونسٽ پارٽي جي طاقت کي ٽوڙي ڪري سامراج مخالف، سيڪيولر جمهوري، مظلوم قومن ۽ پورهيت طبقي جي نمائنده پارٽي کي ختم ڪرڻ جي لاءِ

پارٽي تي بندش وجھي ڇڏي.

اڄ سڄو ملڪ چئي رھيو آھي تھ فوج ۽ ان جي ايجنسين کي سياست کان پري رهڻ گهرجي، سياست ۾ سندن ڪو به ڪردار نه هئڻ گهرجي. پر سندس مڙني پاليل  سياستدانن مان لاڏلو  کين چئي رهيو آهي ته هو سياست ۾ مداخلت ڪريو ۽ بي اختيار ئي سھي پرکيس تخت تي واپس آڻي ويھاريو وڃي.

ڊي جي، آءِ ايس پي آر سان گڏ ڊي جي، آءِ ايس  آءِ جي پريس ڪانفرنس مان واضح ٿئي ٿو ته اهي جنرلز آئين ۾ مقرر ڪيل ڪردار کان ھٽي ڪري سياست ۾ مداخلت ڪري رهيا آهن. سندس موجب تھ ھنن  مارچ 2021 کان فيصلو ڪري ورتو آهي ته هو مستقبل ۾ ائين نه ڪندا، جنهن تي اسان کي ڪو به ڀروسو ناهي.ڇاڪاڻ ته ان کان پوءِ بھ سياسي ماڻهن ۽ عام شهرين کي کڻڻ ۽ کين ڪنهن به عدالت ۾ پيش ڪرڻ کانسواءِ غائب ڪرڻ جو عمل تھ جاري آهي. پر هنن جيڪو ڏوهه ڪيو آهي ان تي تھ کين معافي گھرڻ کپي ھا، کين سزا ملڻ گهرجي.

پاڪستان جي عوام کي انهن واقعن مان اهو نتيجو ڪڍڻ گهرجي ته انهن ۾  ڪيترا گهرا تضاد موجود آهن. موجوده حڪومت ۽ مخالف ڌر اسٽيبلشمينٽ جي مختلف ڌڙن ۾ ٽڪراءُ . ملڪ جي ترقي يا مستقبل ۾ درست رخ جي تعين ڪرڻ جي معاملي تي ناھن. عوام کي بکيو ۽ اگھاڙو ڪرڻ جي باوجود ملڪ جي معيشت سنڀالجي  نه پئي سگھي.۽ نه ئي انهن جا شاھاڻا خرچ گهٽ ٿي رهيا آهن. ان ڪري معاشي تضاد سياسي ۽ ادارتي تضاد جي صورت ۾ ظاهر ٿي رهيو آهي، جيڪو وڌيڪ شديد ٿيندو. انهن تضادن جي ڪري ملڪ وڌيڪ بحرانن ۾ جي لپيٽ ۾ايندو ۽ان کي  عام ماڻهو، خاص ڪري پورهيت طبقي کي ان ڀوڳڻو آھي.

ان ڪري کين ترقي پسند ۽ کاٻي ڌر جي پارٽين جو ساٿ ڏيئي استحصالي نظام کان نجات جي لاءِ ۽پنهنجي خوشحالي ۽ آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪرڻ گهرجي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.