هي حقيقي آزادي مارچ ناهي، پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش آهي:شرجيل ميمڻ

ڪراچي (رپورٽر)صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته 5 مهينن ۾ عمران خان اسلام آباد تي ٻي چڙهائي ڪرڻ وڃي رهيو آهي. عمران خان  جو هڪ نڪاتي ايجنڊا صرف اقتدار جي بک آهي. صوبائي وزير اطلاعات پنهنجي جاري بيان ۾ چيو آهي ته عمران خان اقتدار جي ڪرسي تائين پهچڻ لاءِ لاشن تان گذرڻ کان به پاسو نه ڪندو. ڇا قوم پنهنجي راڄڌاني تي حملي لاءِ هن ڪوڙي، مڪار شخص جو ساٿ ڏيندي. ڇا محبت وطن پاڪستاني پنهنجي بهادر فوج، رياستي ادارن جي خلاف گندي سازشن ۾ مصروف عمران خان جو ساٿ ڏيندا. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن کي پڻ گذارش آهي ته ڇا هو پاڪستان جي شهر اسلام آباد تي چڙهائي ۾ عمران خان جو هٿيار بڻجڻ وڃي رهيا آهن. هي حقيقي آزادي مارچ ناهي پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش آهي. عمران خان پنهنجي پرڏيهي فنانسرز جي ٻڌايل رستي تي هلي رهيو آهي.  هن چيو ته سنڌ حڪومت اسلام آباد تي حملي کي ناڪام بنائڻ لاءِ وفاق جو ڀرپور ساٿ ڏيندي. سنڌ پوليس جا جوان اسلام آباد پهچي ويا آهن، شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان پاڪستان جو ڪرپٽ ترين شخص آهي، جيڪو انقلاب جون ڳالهيون ڪري عوام کي گمراهه ڪري رهيو آهي. گھڙي چور، کنڊ چور ۽ ڪڻڪ چور کي ڪھڙي خبر ته حقيقي انقلاب ڇا  هوندو آهي. جعلي حقيقي لانگ مارچ کان پهرين عمران خان قوم کي بي آر ٽي پشاور ۾ 7 ارب رپين جي ڪرپشن جو حساب ڏئي. عمران خان ٻڌائي ته فرح گوگي، عليمه خان اربين روپين جو بينڪ بيلنس ڪيئن ٺاهيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.