همايون سعيد جي ”دي ڪرائون“ ۾ پهرين جهلڪ سامهون اچي وئي

مشهور اداڪار همايون سعيد جي نيٽ فليڪس جي برٽش ويب سيريز ”دي ڪرائون“ جي ڪردار جي پهرين جهلڪ سامهون اچي وئي.

”دي ڪرائون“ جي پنجين سيزن کي ايندڙ مهيني 9 نومبر تي ريليز ڪيو ويندو ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ ئي ٽريلر جاري ڪيو ويو هو، جنهن ۾ همايون سعيد جي جهلڪ نه ڏيکاري وئي هئي.

ٽريلر ۾ همايون سعيد جي جهلڪ نه هجڻ تي مداح ڪاوڙجي ويا هئا پر تازو پاڪستاني اداڪار جي ڪردار جي پهرين جهلڪ سامهون اچي وئي.

شوبز جي ويبسائيٽ همايون سعيد جي ڪردار جي جهلڪ ڏيکاريندي تصوير شيئر ڪئي آهي ۽ ٻڌايو ته هو ويب سيريز ۾ پاڪستاني ڄائو برطانوي دل جو ماهر ڊاڪٽر حسنات جي ڪردار ۾ نظر ايندو.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڊاڪٽر حسنات 2004 ۾ لنڊن پوليس کي ريڪارڊ ڪرايو هو ته هو 1995 کان 1997 تائين ليڊي ڊيانا سان رومانوي رشتي ۾ رهيو هو، جنهن بعد ڊيانا هن سان رشتو ختم ڪري ڇڏيو.

ڊاڪٽر حسنات ٻڌايو ته هن سان تعلق ختم ڪرڻ کان پوءِ هوءَ مصر ڄائو فلم ڊائرڪٽر دودي الفيد سان رومانوي تعلقات ٺاهيا جنهن سان هو 1997 ۾ پريس جي روڊ حادثي ۾ فوت ٿي وئي.

همايون سعيد انٽرويو ۾ ٻڌايو ته هو پهريون ڀيرو حقيقي زندگي جي ڪردار ۾ نظر اچي ٿو جيڪو ساده پر دلڪش آهي.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by The Crown (@thecrownnetflix)

هن چيو ته هو ڊاڪٽر حسنات جي شخصيت ۾ ويب سيريز ۾ نظر ايندو جيڪو سادو ۽ ٻين جو خيال رکڻ واري طبيعت وارو آهي اهو ئي ڪارڻ آهي جو ليڊي ڊيانا کيس پسند ڪندي آهي.

هن چيو ته ”دي ڪرائون“ جو حصو بڻجڻ تي خوشي آهي، اميد آهي ته مداحن کي ڪردار پسند ايندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.