پٺاڻن بابت نامناسب جملي سبب فواد چوڌري تي سخت تنقيد

ڪراچي( م ڊ) اي آر واءِ چينل تي پشتونن بابت اعتراض جوڳن رمارڪس تي فواد چوڌري کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو آهي، جڏهن  ته فواد ۽ اينڪر ڪاشف عباسي کان معافي وٺڻ جو مطالبو به ڪيو ويو آهي. بشير ميمڻ ۽ اعظم خان بابت جملي تي پي ٽي آءِ وارن کي به ڪاوڙ لڳي آهي.  ڪاشف جي پروگرام ۾ فواد چوڌري چيو ته بشير ميمڻ هڪ پختون سان وڃي جوکي جو ڪم ڪيو. ان تي سوشل ميڊيا تي وڏو ممڻ مچي ويو. پي ٽي آءِ جي وزير تيمور جهڳڙا به مذمت ڪئي آهي. صحافي اجمل جامي چيو ته هتي به وقفو ڪيو وڃي ها. صحافي شاهد اسلم چيو ته معذرت ڇو، مذمت ڪرڻ گهرجي ها. اينڪر عادل شاهزيب چيو ته ڪاشف کي پروگرام روڪي چوڻ گهرجي ها ته واهيات ڳالهين کان پاسو ڪيو. ڪنهن به قوم سان ٽي وي تي اهڙو واهيات مذاق نه ڪرڻ گهرجي. شيري نالي صارف چيو ته پي ٽي آءِ کي ڪي پي ۾ پشتونن جي حمايت آهي پر انهن جو ڪو اڳواڻ اهڙي حرڪت ڪري ته پوءِ پنجابين کي به ائين نشانو بڻائي سگهجي ٿو.  سليم صافي چيو ته پشتونن جي خاموشي سواليا آهي.  تيمور جهڳڙا به مذمت ڪئي آهي. ڊاڪٽر  آمنا جمال چيو ته فواد ۽ ڪاشف عباسي معافي وٺن. سميع حق چيو ته فواد پاڻ به عمران جهڙي پٺاڻ اڳواڻ سان گڏ رهي رسڪ پيو کڻي. هوڏانهن پيمرا به نوٽيس جاري ڪندي اي آر واءِ ۽ ڪاشف عباسي کان جواب طلب ڪيو آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.