ٻوڏ متاثرن کي خوراڪ ۽ علاج جي ضرورت آهي: وزيراعظم

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ گڏيل قومن جي 816 ملين ڊالر جي نئين اپيل عالمي برادري پاران مسلسل حمايت جي گهرجائو آهي. ڪالهه اربع ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ٻوڏ متاثرين کي خوراڪ ۽ علاج جي ضرورت آهي. بحران واري ڪيفيت وڌڻ جي ڪري اسان کي پنهنجون ڪوششون تيز ڪرڻيون پونديون. وزيراعظم چيو ته تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي ضرورتن کي اجاگر ڪرڻ تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جي قائداڻي ڪردار کي ساراهيون ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.