پي ٽي آءِ هڪ دفعو ٻيهر استعيفائن جو پينڊورا باڪس عدالت ۾ آندو آهي: سينيٽر عرفان صديقي

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر عرفان صديقي چيو آهي ته پي ٽي آءِ هڪ دفعو ٻيهر استعيفائن جو پينڊورا باڪس عدالت ۾ کڻي آئي آهي. اربع ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پنج مهينا گذري ويا پر 123 قومي اسيمبلي ميمبرن مان ڪنهن هڪ به فيڊرل لاجز جي سرڪاري رهائشگاهه خالي ناهي ڪئي. هن چيو ته انهن 11 ميمبرن به اڃان تائين سرڪاري رهائشگاهون خالي ناهن ڪيون جن جون استعيفائون منظور ٿي چڪيون آهن ۽ انهن جي دعويٰ مديني جي رياست جي آهي.

  • نيپرا اين ٽي ڊي سي تي هڪ ڪروڙ رپين جو ڏنڊ لڳائي ڇڏيو

اسلام آباد(م ڊ)نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) سنڌ جي مختلف علائقن ۾ بجلي جي فراهمي بند ٿيڻ تي نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيج ڪمپني ( اين ٽي ڊي سي) تي هڪ ڪروڙ رپين جو ڏنڊ لڳائي ڪري ڇڏيو. نيپرا ترجمان مطابق سنڌ ۾ شديد طوفان جي ڪري 500 ڪي وي دادو ڄامشورو ٽرانسميشن لائين جا 2 ٽاورز ۽ 500 ڪي وي پوسٽ قاسم مٽياريءَ جا 6 ٽاورز ڪِري پيا هئا، جنهن جي ڪري پورٽ قاسم کان 1320 ميگاواٽ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي ۽ اٽڪل 10 ڏينهن بعد 31 مئي تي بجلي جي فراهمي ممڪن ٿي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.