ڪراچي جي اسڪول ۾ شاگردياڻي سان زيادتي، رپورٽ طلب

ڪراچي( رپورٽر) ڪراچي جي خانگي اسڪول ۾ نائين ڪلاس جي شاگردياڻي سان جنسي زيادتي جون خبرون سوشل ميڊيا تي  وائرل ٿيڻ بعد ايجوڪيشن اينڊ ليٽريسي ڊپارٽمنٽ جي ٽيم اسڪول انتظاميا کان رپورٽ طلب  ڪري ورتي.گلاب راءِ ڊپٽي ڊائريڪٽر رجسٽريشن آف انسپيڪشن / رجسٽريشن آف پرائيويٽ انسٽيٽيوشن ڪراچي چيئرمين، اخلاق احمد مانيٽرنگ، ڊائريڪٽوريٽ آف انسپيڪشن/ رجسٽريشن آف پرائيوٽ انسٽيٽيوشن سنڌ ميمبر ۽ رياض حسين جونيئر اسڪيل اسٽينو گرافر،  ڊائريڪٽوريٽ آف انسپيڪشن/ رجسٽريسن آف پرائيوٽ انسٽيٽيوشن سنڌ ميمبر تي ٻڌل ڪميٽي سمارٽ چلڊرين اڪيڊمي پهچي اسڪول پرنسيپال، اڪيڊمي جي ايڊمنسٽريٽر ٽيچرس ۽ والدين سان ملاقات ڪئي.ڪميٽي سرجاني ٽائون تي داخل ٿيل ايف آءِ آر جو جائزو پڻ ورتو جنهن کان پوءِ اسڪول انتظاميا کان واقعي جون حقيقتون ڄاڻڻ لاءِ 24 ڪلاڪن اندر رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.