ڪراچي ۾ آڪٽوپس وڪرو ٿيڻ لڳو، ذائقو ڪيئن آهي؟

مڇي، جهينگي ۽ لوبسٽر کانپوءِ هاڻي ڪراچي ۾ آڪٽوپس به کائڻ لاءِ وڪرو ٿيڻ لڳا.

عالمي ماهرن موجب سڄي دنيا ۾ هر سال اٽڪل ٽي لک ٽن آڪٽوپس شڪار ٿيندا آهن. تازو ڪراچي ۾ به آڪٽوپس وڪرو ٿيڻ لڳا آهن.

رپورٽ موجب ڪراچي جي پاش علائقي جي هڪ ريسٽورنٽ ۾ آڪٽوپس ٺاهڻ واري شيف بلال ناز چيو ته آڪٽوپس ۾ به ٻين جانورن جيان گهڻا عضوا آهن، جن کي ڪڍي باربيڪيو ڪيو ويندو آهي.

هن ٻڌايو ته آڪٽوپس کائڻ وارا چوندا آهن ته ان کاڌي جو ذائقو خراب ناهي، مرغي ۽ مڇيءَ سان ملندڙ جلندڙ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.