پوليس گرفتاري لاءِ بني گالا رواني، عمران خان کِسڪي ويو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد پوليس تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي گرفتاري لاءِ بني گالا رواني ٿي وئي.

مارگلا ٿاڻي جي علائقائي مئجسٽريٽ عورت مئجسٽريٽ زيبا چوڌري کي ڌمڪي ڏيڻ جي ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا آهن.

هوڏانهن ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان بني گالا کان اڻڄاتل هنڌ ڏانهن روانو ٿي ويو آهي.

ذريعن موجب عمران خان سان گڏ علي امين گنڊاپور به آهي، عمران خان گرفتاري وارنٽ جاري ٿيڻ کانپوءِ سخت سيڪيورٽي ۾ بني گالا کان روانو ٿيو، پنجاب، گلگت بلتستان ۽ خيبر پختونخواهه پوليس جا اهلڪار به ساڻس گڏ هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.