ڪترينا اهڙو ڇا ڪيو جنهن تي سلمان خان تپي باهه ٿي ويو؟

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ فلم انڊسٽري جي مشهور جوڙي جي جڏهن به ڳالهه ڪئي ويندي آهي ته ان ۾ سلمان خان ۽ ڪترينا ڪيف جو نالو ضرور ورتو ويندو آهي.

ڪو زمانو هيو جڏهن ٻنهي وچ ۾ گهرا لاڳاپا هئا، چيو ويندو آهي ته ڪترينا جا بالي ووڊ ۾ پير پختا ڪرڻ لاءِ سلمان سندس هر وقت مدد ڪئي هئي.

بهرحال بريڪ اپ کانپوءِ به سلمان ۽ ڪترينا هڪ ٻئي سان سٺا لاڳاپا آهن ۽ ساڻن جوڙيل هڪ قصو اوهان کي ٻڌائي رهيا آهيون.

ميڊيا رپورٽن موجب سلمان خان کي ڪترينا جي اسڪرٽ پهرڻ بنهه پسند ناهي، پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ سلمان ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو هو ته کيس ڪترينا کي مني اسڪرٽ ۾ ڏسي ڏاڍي ڪاوڙ آئي هئي.

واضح رهي ته سلمان ۽ ڪترينا ڪيئي فلمن گڏ ڪم ڪيو آهي، جڏهن ته هاڻ هڪ ڀيرو وري ٻئي اداڪار پنهنجي  مشهور سيريز ايڪ ٿا ٽائيگر ۽ ٽائيگر زنده هي کانپوءِ ان ئي سلسلي جي ٽئين فلم ۾ گڏ نظر ايندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.