ڪوٽڙي ۾ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف تنقيدي ڪلام ڳائي احتجاج ڪيو ويو

ڪوٽڙي ۾ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ تي تنقيدي ڪلام ڳائي احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو ويو

سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي سڏ تي شهرين وڏي انگ ۾ ريلي ڪڍي بهار چوڪ تي ڌرڻو هڻي ضلعي انتظاميا ۽ سنڌ حڪومت خلاف نعريبازي ڪئي

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ضلعي انتظاميا ٻوڏ متاثرين جي واھر ڪرڻ ۾ مڪمل طرح سان ناڪام ٿي چڪي آھي متاثرين جي نالي تي ڪوڙا بل ٺاھي ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ڪئي پئي وڃي

هنن چيو ته هن وقت تائين مختلف علائقن مان برساتي توڙي ٻوڏ جا پاڻي ناهي ڪڍيو ويو، مجبور متاثر بيمارين ۾ جڪڙجي ٻٽين تڪليفن ۾ پئجي ويا آهن

هنن ضلعي انتظاميا توڙي سنڌ حڪومت کي چتاءُ ڏيندو مطالبو ڪيو ته جيڪڏهن ٻوڏ متاثرن جي فوري طور تي واهر نه ڪئي وئي ته احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.