امداد سولنگي : ننڍي عمر ۾ وڏين حاصلاتن وارو نوجوان

رکيل مورائي

اڄ تنهنجو جنم ڏينهن آهي، ان ڏينهن جي خوشي شايد تنهنجي خاندان کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ مون کي ٿي هوندي، ڇاڪاڻ ته تون اسان جي وڻندڙ ۽ سنڌ جي ذهين پيءُ ڊاڪٽر سليمان سولنگيءَ جو پٽ ته آهين ئي جيڪو نه رڳو منهنجو محسن دوست آهي پر توکي پنهنجي زندگيءَ جي  پهرين ادبي گڏجاڻي جيڪا تنهنجي ننڍپڻ جي يادگيرين ۾ اڄ تائين محفوظ آهي اها منهنجي جنم ڏينهن جي خوشي ۾ منهنجي جنم هنڌ واري ڳوٺ حاجي مالڪڏنو سولنگيءَ ۾ ٿي هئي جنهن ۾ تنهنجو بابا ۽ تنهنجي امڙ توکي ساڻ وٺي آيا هئا، سچُ پڇين ته اڄ به منهنجي هر جنم ڏينهن تي جيڪو اسين پنهنجي گهر ۾ ملهائيندا آهيون ان ۾ تنهنجي امڙ ۽ منهنجي ڀيڻ کي ياد ڪري اسان جو گهر اداس ٿي ويندو آهي. تون منهنجي جنهن ڳوٺ واري تقريب ۾ آيو هئين اهو ڳوٺ شايد اڳتي هلي تعلقي موري جي نقشي ۾ ڪو ماضيءَ جو نشان بڻجي رهجي وڃين تازين برساتن منهنجي ڳوٺ کي به سموري سنڌ جي ڳوٺن جيان ميسارڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي.

تنهنجي جنم ڏينهن جي حوالي ۾ مون کي اُهي تنهنجو سڀ حاصلاتون پڻ خوشي ڏيئي رهيون آهن جن جون مبارڪون توکي الڳ ڏيان ٿو! تون ننڍي عُمر ۾ وڏين حاصلاتن وارو نوجوان آهين ان ۾ مون کي ڪو به شڪ نظر نٿو اچي. تنهنجي سڀ کان پهرين حاصلات جنهن جو ذڪر اوس ڪرڻ گهرجي اها تنهنجي نصابي تعليم آهي، تون اڄ صرف نوجوان قانوندان ئي نه آهين پر سنڌ جي انهن قانوندان/وڪيلن جي لسٽ ۾ شمار ڪيو وڃين ٿو، جيڪي پنهنجي علم ۽ قانون معرفت سنڌ جي اُجڙيل ڀاڳ کي سڀاڳ ۾ تبديل ڪرڻ واري جدوجهد ۾ رُڌل آهن. تو پنهنجي آس پاس چڱن دوستن جو انگ جوڙي ورتو آهي، جن جي دلين ۾ تولاءِ هڪ احترام آهي.

تون ادب ۾ شاعريءَ ڏانهن آئين، پنهنجي تخليقي صلاحيتن کي استعمال ڪري، تيزيءَ سان اڳتي وڌي آئين، هڪ شاعريءَ جو ڪتاب تنهنجي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. اسان توکي سدائين ڪنهن نه ڪنهن عمل ۾ رُڌل ڏٺو آهي ۽ جان خاصخيليءَ چواڻي، توکي خونخوار تقريرون ڪندي به ٻڌو آهي پوءِ به تو ڪتاب جو نالو رکيو آهي. ”ماٺ جي موسم“

تون ڪراچيءَ سنڌي ادبي سنگت جي مرڪز جهڙي اهميت رکندڙ شاخ جو سيڪريٽري رهين. تنهنجو هر ليک اختلاف باوجود تنقيد توڻي تعريف جو وڻندڙ نمونو هوندو آهي. ادب ۾ هوندي، تو عملي سياست سان به تعلق نه ٽوڙيو آهي. ڪنهن هڪ شخص ۾ ايتريون خوبيون هُجن ته ڪنهن به طرح معتبر ليکيو ويندو. هڪ شاعر طور تون پنهنجي غير شاعراڻي عمر ۾ به موهي ويندو هئين! تنهنجي ڪيترن شعرن کي مان پنهنجي دل توڻي دماغ ۾ سانڍيندو رهيو آهيان پر تڪڙ ۾ تنهنجا ٻه شعر ته مون کي هر گهڙيءَ ياد رهندا آهن ڄڻ اهي منهنجي روح جو حصو بڻجي ويا آهن.

پهريون تنهنجي غزل جو هڪ بند آهي، جيڪو مون کي گمان ڏياري رهيو آهي ته سنڌي شاعريءَ ۾ جمع جو صيغو گهٽ شاعرن گهڻي عمر جي هوندي به استعمال ڪيو آهي پر اها ڳالهه پڪي آهي ته اردوءَ ۾ فيض احمد فيض صاحب جمع جو صيغو گهڻو استعمال ڪيو آهي. پر مون لاءِ تنهنجو غزل اهم ان ڪري آهي جو اهو بيحد وڻندڙ آهي.

هر قدم تي عاشقي ڪئي سون،

بي وفا سان به دوستي ڪئي سون،

توکي اچڻو ئي نه هو، ڪو نه آئين،

پوءِ به ٻاري ڏيئا روسي، ڪئي سون.

غزل جو هيءُ نمونو نه فقط وڻندڙ آهي پر سنڌي غزل ۾ نرالو پڻ جيڪا تنهنجي شاعراڻي حاصلات آهي. ساڳيءَ طرح تنهنجو هڪ وڻندڙ ٽيڙو پڻ آهي، جيڪو مون کي سدائين ياد رهندو آهي.

امداد اڪيلو هو،

جنهن وقت تنهنجي گهر ۾،

ماڻهن جو ميلو هو.

مان تنهنجي شاعريءَ ڏانهن گهڻو نٿو وڃڻ چاهيان اهو هن وقت جو موضوع نه آهي، پرتنهنجي هڪ حاصلات ته آهي ئي.

تنهنجو اڄ جنم ڏينهن آهي، پڪ سان اڄ جي ڏينهن جون سموريون مبارڪون تو لاءِ ته آهن ئي آهن پر اهي سڀ مبارڪون مان پنهنجي دوست ڊاڪٽر سليمان سولنگيءَ کي به ڏيڻ چاهيان ٿو جنهن مون کي اهو اعزاز بخشيو جو تون سندس حوالي ۾ مون کي ننڍپڻ کان چاچا چوندو آهين ۽ خبر اٿئي! جيڪڏهن مون کي ڪو به دوست ادب جا سڀ احترام وارا لقب عطا ڪري ڇڏي تڏهن به مان تنهنجي چاچا چوڻ تي جيترو خوش ٿيندس شايد ٻئي ڪنهن به اعزاز تي نه ٿي سگهان، ڇاڪاڻ ته مون کي انهن مان ڪڏهن ڪڏهن مصنوعيت جي ريکا نظر ايندي آهي، تون زندگيءَ جون سڀ خوشيون پنهنجي ونيءَ اسان جي نياڻي فائزه (جيڪا شاعره به آهي) سان ۽ پنهنجي ٻن ٻارڙن سان گڏ ماڻين ان دعا سان.

تنهنجو چاچا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.