ٿرڪول روڊ ڌرڻي ڪيس ۾ نامزد جوابدارن مان 9 ڄڻن جي ضمانت منظور

پنگريو (ن ع آ)  شادي لارج وٽ ٿرڪول روڊ تي ڌرڻي دوران ٻارڙي سميرا ڪنڀر جو لاش کڻي ويندڙ ايمبولنس کي گس نه ڏيڻ واري معاملي جي داخل ڪيس ۾ نامزد جوابدارن مان 9 ڄڻن جي سيشن ڪورٽ بدين عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي.ايف آءِ آر ۾َ نامزد جوابدار چوڌري نديم گجر، اصغر ڪمبوهه، منظور چانڊيو، امجد پٺاڻ، اڪرم جوڻيجو ۽ مرتضي چانڊيو بدين جي عدالت ۾ پيش ٿي ضمانت لاءِ درخواست ڏني، جنهن تي عدالت سندن عبوري ضمانت منظور ڪئي. ان موقعي تي هنن چيو ته هنن حق ۽ سچ جي ڳالهھ ڪئي آهي ۽ هو اڄ به پنهنجي موقف تي قائم آهن.  ھنن چيو ته پاڻي جا قدرتي لنگهھ بحال نه ٿيڻ تائين سندن جدوجهد جاري رهندي. ضمانت نه ڪرائيندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپن جو سلسلو جاري آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.