تلھار ۾ڪٽوتي خلاف وظيفو وٺڻ آيل عورتن جو احتجاجي مظاهرو

تلھار (ن ع آ) تلھار ۾بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو وظيفو  وٺڻ آيل عورتن پئسن ۾ ڪٽوتي خلاف بينڪ آڏو احتجاجي مظاهروڪري روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو.ان موقعي تي هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور اي ٽي ايم کوليو وڃي.هوڏانهن عورتن جي احتجاج  سبب روڊ جي ٻنھي پاسن کان گاڏيون بيھي ويون، پوليس پھچي متاثر عورتن سان ڳالھين ذريعي روڊ کولرائي ڇڏيو.

  • قمبر ۾ ٻوڏ کان پوءِ  مهانگائي، ماڻهن کان دانهون نڪري ويون

قمبر (ڊ ر)  قمبر ۾ ٻوڏ کان پوءِ شهر ۾ مهانگائي عروج تي پهچي وئي، انتظاميا خاموش تماشائي بڻيل رهي، ڪنهن کان به ڪو پڇڻ وارو ناهي. واپارين اٽو 100 رپيا ڪلو،  چانور 120 رپيا ڪلو ۽ ٽماٽا 300 ڪلو، بصر 150 رپيا،ڪريلا 200 رپيا، واڱڻ 150 سئو رپيا ڪلو وڪڻي هٿرادو اگهه چوٽ چاڙهي ڇڏيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.