آديش ڪمار ڌرڻو ڪيس معاملو، نياز ڪالاڻي ۽ ٻين جي ِضمانت منظور

خيرپور(رپورٽ مختيار ڦلپوٽو)راڻيپور مان اغوا ٿي ويل معصوم نينگر آديش ڪمار جي بازيابي لاء قومي شاهراه کي بند ڪري ڌرڻو هڻڻ تان ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي پنهل ساريو ڊاڪٽر نظير کوکر سميت ٻين قومپرست اڳواڻن  مٿان دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل ٿيل ڪيس جي ٻُڌڻي ٿي گذري دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج انعام علي ملڪ ڪيس ۾ نامزد قومپرست اڳواڻن جي پڪي ضمانت منظور ڪري 10 آڪٽوبر تي ٿيندڙ ٻُڌڻي تي ٻيھر عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو عدالت ۾ پيشيء بعد قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ سنڌ حڪومت جي نااهلي ۽ ڪرپشن سبب سنڌ جا شھر توڙي ڳوٺ ٻُڏي ويا آهن ۽ خوشحال سنڌ جا مارون روڊ رستن تي رهڻ تي مجبور آهن 2008 کان 2022 تائين سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪمراني رهي آهي ڊرينج ۽ بندن جي مرمت جا ايندڙ اربين روپيا ڪرپشن جي ور چڙهي وڃن ٿا جنهن سبب چئن پنجن ڏينهن جي برسات سنڌ واسين لاء رحمت بجاء زحمت بڻجي وئي آهي 2010 جي ٻوڏ مھا ٻوڏ مان به سنڌ جا حڪمران سبق حاصل نه ڪري سگهيا . ڏيهي توڙي پرڏيهي پاڻي جي ماهرن کي گُهرائي انهن کان پاڻي جي نيڪالي بابت مشورا نه ورتا ويا جنهن جي سبب اڄ سموري سنڌ مڪمل طور پاڻي هيٺ آهي سنڌ حڪومت اهو ٻُڌائي ته ڪھڙي آبپاشي ماهر کان مشورو وٺڻ بعد منڇر کي هٿرادو ڪٽ هڻي خيرپور ناٿن شاھ ۽ ميھڙ ۾ ٻوڏ آڻي شھرن کي تباھ ڪيو ويو سنڌ حڪومت جا نمائندا متاثرن جي مالي مدد ڪرڻ بجاء متاثرن لاء آيل عالمي سطحي امداد مان به ڪرپشن ڪرڻ جي منصوبن ۾ مصروف آهن ان موقعي تي پنھل ساريو , فقير امداد منگي , زاهد شنباڻي ۽ ٻيا موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.