ميروخان جي برسات متاثر جو امدادي سامان نه ملڻ خلاف احتجاج

يوسي ٺوڦ چوسول جي مختلف ڳوٺن جي رهواسين لاڙڪاڻو روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته برساتن سبب گھر ڊھي پٽ ۽ فصل مڪمل طور ٿي ويا آهن، جنهن ڪري معصوم ٻارڙن سوڌو فاقاڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن.

هنن چيو ته سنڌ سرڪار طرفان ملندڙ امداد لاءِ ڪيرائي ڀير ا يوسي چيئرمين ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل وٽ ويا آهيون، پر واهر نٿي ڪئي وڃي، جيڪا ساڻن زيادتي آهي.

برسات متاثرن چتاءُ ڏيندي چيو ته فوري طور امدادي سامان ڏئي واهر نه ڪئي وئي ته اي سي ۽ مختيارڪار آفيس جو گھيراءُ ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.