تون مان پارٽنرشپ هڻون! ناري جي انوکي انداز ۾ بابراعظم کي شادي جي آڇ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي نيشنل اسٽيڊيم ۾ 7 ٽي 20 ميچز تي ٻڌل سيريز جون ٽي ميچز ٿي ويون آهن جن مان 2 انگلينڊ کٽيون ۽ هڪ پاڪستان کٽي آهي.

ٽئين ٽي 20 ميچ ۾ انوکو واقعو ڏسڻ ۾ آيو جڏهن هڪ عورت مداح قومي ٽيم جي ڪپتان کي شادي جي آڇ ڪئي.

ميچ دوران قومي ٽيم جي ڪپتان ڪپتان بابر اعظم جي عورت مداح سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو.

عورت جي هٿ ۾ پلي ڪارڊ کنيل هو جنهن تي لکيو هو ته ڇا اسان ڊگهي وقت تائين پارٽنرشپ هڻي سگهون ٿا؟

عورت کان جڏهن اهو سوال ڪيو ويو ته هن اهو ڇو لکيو ته جواب ڏنائين ته منهنجي ماءُ منهنجي لاءِ رشتو ڳولي رهي آهي ۽ مان اهو پوسٽر ان لاءِ آندو هو ته بابراعظم ڏسي ته منهنجي ماءُ خوش ٿي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.