خيرپورناٿن شاهه ۾ 7 فٽ پاڻي بيٺل،ٻوڏ متاثرن وڏي وزير جو جنازو پڙهي ڇڏيو

خيرپورناٿن شاھ (رپورٽ:آزاد بخاري) خيرپورناٿن شاهه شهر مان 24 ڏينهن گذرڻ باوجود ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاءِ ڊي سي دادو ڪو به تحرڪ نه ورتو، 24 ڏينهن کان بيٺل پاڻي بدبوءِ  ٿيڻ ڪري بيماريون وبائي شڪل اختيار ڪري ويون. کاڌ خوراڪ،پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ دوائن جي کوٽ جو سنڌ حڪومت نوٽيس نه ورتو، عوام نڌڻڪائپ جو شڪار ٿي ويو آهي. ڪي اين شاهه جي متاثرن شهري اتحاد جي چيئرمين حافظ امين جمالي جي اڳواڻي ۾ حڪومت، ڊي سي دادو۽  چونڊيل نمائندن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي حافظ محمد امين جمالي وزير اعظم شهباز شريف، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، ڊي سي دادو، پ پ ايم اين اي رفيق جمالي ۽ صوبائي صلاحڪار فياض ٻٽ سميت خيرپورناٿن شاهه جي چونڊيل نمائندن جو علامتي جنازو پڙهايو. جتي شهرين دانهيو ته اسان جي شهر کي ھٿ وٺي ٻوڙيو ويو ،رفيق جمالي دادو کي ۽ فياض ٻٽ ميهڙ کي بچائڻ جي خوشي ۾ جشن ملهائي هڪ ٻئي کي مبارڪون پيا ڏين، اسان وڏي وزير مراد علي شاهه، رفيق جمالي، فياض ٻٽ ۽ ڊي سي دادو کان پڇڻ چاهيون ٿا ته اوهان خيرپورناٿن شاهه شهر کي بچائڻ لاءِ ڪهڙيون ڪوششون ورتيون، فياض ٻٺ ميهڙ وڃي ويهي رهيو، سمورا فنڊ اتي استعال ڪيا، رفيق جمالي ضلعي جي مشينري دادو کي بچائڻ ۾ لڳائي، ايم اين اي عرفان لغاري ۽ قمبر لغاري سيتا کي بچائڻ ۾ پورا هئا، ايم پي اي بيمار هو، ان جو ڀائٽيو ڪڪڙ خانپور کي بچائڻ ۾ پورو هو، صرف ڪي اين شاهه واسي نڌڻڪا ٿي ٻڏا.هنن چيو ته ڪي اين شاهه کي ٻيو ڀيرو ٻوڙي سنگين ڏوهه ڪيو ويو، انهن سياسي ڀڳوڙن کي خيرپورناٿن شاه هه جو عوام ڪڏهن به معاف نه ڪندو.  هنن چيو ته خيرپورناٿن شاھ تعلقي ۾ هن وقت به ٻوڏ جو پاڻي 4 کان 7 فٽ بيٺل آهي، ماڻهو هر روز بک بيمارين ۾ مري رهيا آهن حڪمرانن صرف بيانن تائين محدود آهن.هنن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي شهر ۾ بيٺل پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.