خبردار! ”ميٽابولڪ سينڊروم“ تيزي سان ڦهلجندڙ خاموش موت

دنيا ۾ تيزي سان هڪ خاموش قاتل مرض ڦهلجي رهيو آهي ۽ ڳڻتي جوڳي ڳالهه اها آهي ته ڪيترن ئي ماڻهن کي ان جي ڪا خبر ئي ناهي. اهو مرض آهي ميٽابولڪ سينڊروم جيڪو هن وقت تائين هر ٽن مان هڪ بالغ ماڻهو کي پنهنجو نشانو بڻائي رهيو آهي ۽ موتمار به ثابت ٿي رهيو آهي.

تنهن هوندي به هڪ سُٺي ڳالهه وري اها آهي ته انجي روڪٿام وري سولي آهي ايتري تائين جو ان کي مرض کي ريورس مطلب ته موٽائي به سگهجي ٿو. رڳو زندگي جي رهڻي ڪهڻي کي صحيح ڪرڻو پوندو.

ميٽابوڪل سينڊروم آهي ڇا؟

جيڪڏهن توهان کي خبر نه هجي ته ميٽابولڪ سينڊرو پنج بيمارين تي مشتمل هڪ مرض آهي ان جي شڪار ماڻهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽي عنصر ضرور نظر ايندا آهن، پيٽ جو ٻاهر نڪتل هجڻ، رت ۾ هڪ قسم جي چرٻي ٽرائي گليسڊرز، صحت جي لاءِ سُٺو سمجهيو ويندڙ ايڇ ڊي ايل ڪوليسٽرول جي سطح ۾ لاٿ، هائي بلڊ پريشر ۽ هاءِ شگر.

سڀ ملي ڪري دل جي بيماري ۽ شگر جي بيماري جا خطرا اڃا به وڌائي ڇڏيندا آهن ۽ موتمار ثابت ٿي سگهن ٿا.

اهو هڪ وبا جيان ڦهلجي رهيو آهي.

فلوريڊا اٽلانٽڪ يونيورسٽي جي هڪ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ميٽابوڪل سينڊروم جي شڪار ماڻهن جي انگ ۾ ايتري تيزي سان واڌ ٿي آهي جو انکي نئون خاموش موت قرار ڏنو ويو آهي جيئن ستر جي ڏهاڪي ۾ بلڊ پريشر کي چيو ويندو هو.

بنيادي سبب

اهو مرض ايڏو تيزي سان ڇو ٿو ڦهلجي؟ ان جو سبب سڄي دنيا ۾ ٿولهه جو وڌندڙ رجحاڻ آهي. بوسٽن ميڊيڪل سينٽر جي ماهرن موجب ناقص کاڌي خوراڪ ۽ ورزش کان پري رهڻ مسئلن جو سبب بڻجي رهيا آهن. اڄ دنيا ۾ گهڻي کان گهڻا ماڻهو ٿولهه جو ئي شڪار آهن جيڪي ذيابطيس ٽائيپ تو ۽ دل جي بيمارين جو شڪار ننڍي عمر ۾ ئي ٿي ويندا آهن جنهن جو مثال ماضي ۾ نٿو ملي.

ريورس يا موٽائجي ڪيئن؟

ان مرض جي لاءِ ڪا خاص دوا ته موجود ناهي پر گهڻو ڪجهه اهڙو ڪري سگهجي ٿو جنهن سان انکي ڦهلجڻ ۾ روڪي سگهجي ائين کڻي چئجي ته ريورس ڪري سگهجي ٿو ۽ ان جو راز وري صحتمند زندگي جي رهڻي ڪهڻي ۾ لڪل آهي. جسماني تحرڪ وڌائڻ سان گڏ سٺي کاڌ خوراڪ جي چونڊ ڪيو. جسماني سرگرميون گهٽ ۾ گهٽ روز ٽيهه منٽ ۽ هفتي ۾ ٽي ڀيرا هجڻ گهرجي. ڊاڪٽر جي مشوري سان به صحتمند خوراڪ جي چونڊ ڪري سگهجي ٿي.

هونئن به ڪنهن بيماري ۾ مبتلا ٿيڻ کان بهتر آهي ته ماڻهو صحتمند زندگي واري رهڻي ڪهڻي کي اختيار ڪري وٺي ڇو ته علاج کان احتياط بهتر آهي ۽ بيماري کان صحت بهتر.

انکي روڪڻ ممڪن آهي؟

جيڪڏهن توهان پنهنجي زندگي کان ان مرض کي سدائين جي لاءِ پري رکڻ چاهيو ٿا ته پنهنجي وزن کي روڪڻ توهان جي لاءِ پهريون قدم آهي. صحت بخش خوراڪ ۽ پنڌ گهمڻ، گهربل وقت تي گهربل ننڊ ڪرڻ، دٻاءَ ۽ پريشانين کان بچڻ وغيره، توهان يوگا ۽ مراقبو ڪري به مدد حاصل ڪري سگهو ٿا.

پرهيز

سگريٽ ڇڪڻ ميٽابولڪ سينڊروم ۾ مبتلا ڪرڻ وارو سڀ کان وڏو ۽ اهم سبب آهي. جيڪڏهن توهان جسماني سرگرمين کان پري آهيو ته گهٽ ۾ گهٽ ان عادت کان ته پرهيز ڪرڻ ئي گهرجي ته جيئن ايندڙ وقت ۾ توهان کي ڪي خطرناڪ مسئلا نه ٿين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.