ڏهرڪي: سياسي سماجي ڪارڪنن جو شهر جا بنيادي مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف احتجاج

ڏهرڪي ۾ سياسي سماجي ڪارڪنن پاران شهر جا بنيادي مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو.

اسٽوڊنٽ ڪائونسل جي سڏ تي ڪارڪنن حيدر شر، مير حسن لاشاري، شعيب سنڌو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڏهرڪي صنعتي شهر هجڻ باوجود بنيادي مسئلن جي ور چڙهيل آهي، برساتن کانپوءِ روڊن رستن تي مينهن جو پاڻي ۽ هر هنڌ گندگي جا ڍير لڳل آهن.

سندن چوڻ هو ته گندگي سبب شهر ۾ بيماريون پکڙجي رهيون آهن، شهر جي ڪروڙين رپيا بجيٽ ڪرپشن جي ور چڙهي وڃي ٿي، جنهن ڪري شهر کنڊر بڻجندو پيو وڃي.

اڳواڻن ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته شهر جي بنيادي مسئلا ڪري ڏکيائين کان بچايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.