اهڙيون غذائون جنهن سان توهان بيهوش ٿي ڪري پوندا

گرمين ۾ اڪثر پاڻي کوٽ سبب انسان ڊي هائڊريشن جوشڪار ٿيندو آهي ڇاڪاڻ ته جسم گهڻو پاڻي ضايع ڪندو آهي.

ڊي هائيڊريشن جو ڪارڻ نه رڳو گهٽ پاڻي پيئڻ آهي پر ڪجهه پيئڻ جي شين سان به ڊي هائيڊريشن ٿيندي آهي. سخت گرمي ۾ اهڙي خوراڪ کي نظرانداز ڪرڻ گهرجي.

ماهرن موجب سوڊا ڊرنڪ واپرائڻ گرمي ۾ هر ڪنهن کي پسند هوندي آهر پر ان ۾ موجود عنصر ٽشوز مان پاڻي نيڪال ڪرائيندي آهن جنهن سبب انهن سافٽ ڊرنڪس کان پري رهڻ گهرجي، اهڙي طرح ڊٻين ۾ موجود جوس به ڊي هائيڊريشن جو ڪارڻ هوندا آهن ڇاڪاڻ ته ڪاربوهائيڊريٽ گهڻي مقدار ۾ هوندو آهي جنهن سان پيٽ کي نقصان پهچندو آهي.

هنن چيو ته ڊيٽوڪس چانهه ۾ پولي فينولز ۽ اينٽي اوڪسيڊينٽس هوندا آهن پر چانهه ۾ موجود ڊيٽوڪس سان ڊيهائيڊريشن ٿيندي آهي. پروٽين واريون شيون به ڊي هائيڊريشن جو سبب بڻجنديون آهن. هڪ تحقيق ۾ ثابت ٿيو ته گهڻي مقدار ۾ پروٽين واپرائڻ گردن جي ڪارڪردگي کي متاثر ڪندو آهي ان لاءِ پروٽين واري خوراڪ جو استعمال ته ڪجي پر گهٽ.

ماهرن ٻڌايو ته تريل شيون، لوڻياٺ سنيڪس ۽ فروزن خوراڪ به گرمين ۾ نظرانداز ڪرڻ گهرجي. انهن سان ڊي هائيڊرين جو خطرو وڌي ويندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.