سرڪاري ملازمن ۽ بيروزگار نوجوانن لاءِ خوشخبري

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي مختلف شعبن جي سرڪاري ملازمن لاءِ خاص الائونس ۽ نين ڀرتين جي منظوري ڏئي ڇڏي .

پنجاب جي وڏي وزير ٽريفڪ وارڊنز ۽ هاءِ وي پيٽرولنگ پوليس لاءِ خاص الائونس جي منظوري ڏئي ڇڏي.

ان موقعي چوڌري پرويز الاهي چيو ته خاص الائونس پوليس جي برابر هوندو، ٽريفڪ وارڊنز ۽ پيٽرولنگ پوليس لاءِ ن ليگ جي حڪومت ڪجهه نه ڪيو.

پنجاب جي وڏي وزير سائنس ايجنسي ۾ 142 جاين تي ڀرتين جي منظوري ڏني، مڪاني ادارن جي کاتي جي گريڊ هڪ کان 19 تائين ملازمن لاءِ خاص الائونس جي منظور پڻ ڏني وئي، وڏي وزير اقليتن لاءِ مختلف کاتن ۾ 19 هزار منظور ٿيل خالي جاين تي ڀرتين جي اصولي منظور پڻ ڏني.

پنجاب جي وڏي وزير ڪانسٽيبل کان سڀ انسپڪٽر تائين 24 هزار کان وڌيڪ نين ڀرتين جي منظور ڏيندي چيو ته ڪانسٽيبل کان سب انسپڪٽر تائين مرحليوار پنج هزار جاين تي ڀرتي ڪئي ويندي، ان کانسواءِ وڏي وزير ڪانسٽيبل جي ٽي هزار منظور ٿيل خالي جاين تي پڻ ڀرتي جي منظور ڏني.

پنجاب جي وڏي وزير بورڊ آف انويسٽمنٽ اينڊ ٽريڊ ۾ ڀرتين تي پابندي نرم ڪرڻ جي به منظوري ڏني.

پرويز الاهي پوليس لاءِ آپريشنل گاڏيون خريدڻ لاءِ فنڊز جاري ڪرڻ جي منظور ڏيندي چيو ته شهباز شريف جي دور ۾ پوليس جي ويلفيئر جو ڪو ڪم نه ٿيو، پيٽرولنگ نه هئڻ سبب ڏوهن ۾ اضافو ٿيو،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.