پرائيويٽ اسڪولن تي وڏي پابندي لڳي وئي

لاهور (ويب ڊيسڪ) سموگ جي خطري کي نظر ۾ رکندي ٻارن کي اسڪول ۽ گهر ڇڏيندڙ دونهين وارين گاڏين تي پابندي لڳائي ويندي، سي اين جي رڪشي تي به ٻارن کي پڪ اينڊ ڊراپ ڪرڻ تي اها پابندي هوندي.

والدين جو چوڻ آهي ته سموگ ۽ حادثن تي ضابطي لاءِ تعليم کاتي کي سخت پاليسي ٺاهڻ جي ضرورت آهي.

ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر ملڪ احسان جو چوڻ آهي ته ماحولياتي گدلاڻ ۽ شهر ۾ ٽريفڪ جو وهڪرو گهٽائڻ لاءِ پرائيويٽ اسڪولز کي پهنجون بسز خريد ڪرڻيون پونديون.

ان ڏس ۾ ايجوڪيشن اٿارٽي ٻارن کي اسڪول ۽ گهر ڇڏيندڙ گاڏين، رڪشن تي پابندي جو فيصلو ڪيو آهي، منظور ٿيل اداري جون گاڏيون ئي ٻارن کي پڪ اينڊ ڊراپ ڪري سگهنديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.