پاڪستان ۾ ٻوڏ دنيا لاءِ هڪ حقيقي ”ويڪ اپ ڪال“ آهي: انجلينا جولي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آمريڪي اداڪارا ۽ انسان دوست رضاڪار انجلينا جولي هن وقت ٻوڏ متاثرن سان ملاقات لاءِ پاڪستان ۾ موجود آهي، جڏهن ته هن نيشنل فلڊ ريسپانس ڪوآرڊينيشن سينٽر جو به دورو ڪيو.

ان موقعي تي اين آر سي سي جي ڊپٽي چيئرمين احسن اقبال سندس آجيان ڪئي ۽ پاڪستان اچڻ تي ٿورا مڃيا.

انجلينا جولي ڳالهائيندي چيو ته مان اڳ به پاڪستان آئي آهيان پر ڪڏهن به اهڙو ڪجهه ناهي ڏٺو، مان عالمي برادري کي وڌيڪ ڪم ڪرڻ تي زور ڏيڻ ۾ بلڪل توهان سان گڏ آهيان.

هن چيو مون کي لڳي ٿو ته اسان اڪثر امداد جي اپيلن جي ڳالهه ڪندا آهيون پر اهو تمام گهڻو مختلف آهي، مون کي لڳي ٿو ته هي دنيا لاءِ هڪ حقيقي ويڪ اپ ڪال آهي ته اسان ڪٿي بيٺا آهيون، موسمياتي تبديلي نه رڳو حقيقي آهي پر اچي رهي آهي ۽ تقريبن اچي وئي آهي.

سندس چوڻ هو ته ڪيترن ئي ماڻهن لاءِ زندگي ۽ موت جو معاملو آهي، ٻار غذائيت جي انتهائي کوٽ جو شڪار آهن، جيڪڏهن انهن ايندڙ ڪجهه مهينا گذارو ڪري به ورتو ته مٿان سيارو اچي رهيو آهي، فصل تباهه آهن پر مون کي اهو چوڻ به مناسب نٿو لڳي، ڇو ته مان ان مان ناهيان گذري، تنهن ڪري مان رڳو ڳالهه ڪرڻ ۽ مدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهان ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.