فروٽن جي بادشاهه انب جي پنن جا به بادشاهي فائدا

ذيابطيس مطلب شگر جو مرض مختلف بيمارين جي جڙ هوندو آهي. جڏهن ته بيمارين جي دوران خوراڪ جي حوالي سان تمام گهڻو احتياط ڪرڻو پوندو آهي ۽ انکي ضابطي ۾ آڻڻ ظاهري طور ته ناممڪن ۽ ڏکيو هوندو آهي. پر هڪ قديمي چيني طريقو ان لاعلاج مرض جي علاج (ضابطي ۾ رکڻ) جي ڪنجي ثابت ٿيو آهي. هڪ رپورٽ موجب انب جي وڻ جا پن صدين کان دم ۽ شگر جي علاج جي لاءِ استعمال ڪيا پيا وڃن.

انب جا پن ضروري وٽامنز ۽ نيوٽريشن سان ڀرپور هوندا آهن جيڪي شگر جي مريضن جي لاءِ ان مرض کي ضابطي ۾ رکڻ سولو بڻائي ڇڏيندا آهن. رپورٽ موجب انهن پنن ۾ موجود اسڪسٽريڪٽ انسولين جي تياري ۽ گلوڪوز جي ورهاست کي بهتر بڻائيندو آهي. جڏهن ته بلڊ شگر ليول کي بهتر طريقي سان مستحڪم ڪندو آهي. جيڪو صحت جي لاءِ نقصانڪار ڪوليسٽرول جي سطح به گهٽائيندا آهن، اهي پَن پليسٽن، وٽامن سي ۽ فائبر سان ڀرپور هوندا آهن.

اهي پن شگر جي علامتن جهڙوڪ گهڻي قدر رات جو پيشاب اچڻ، وزن ۾ غير امڪاني لاٿ ۽ نظر گهٽجڻ وغيره کي به گهٽائيندا آهن.

رپورٽ موجب جيڪڏهن ڪنهن کي شگر جو مرض نه به هجي ته اهي جادوئي پن صحت جي حوالي سان ان لاءِ به فائديمند ثابت ٿي سگهن ٿا جنهن جو سبب انهن ۾ موجود اينٽي آڪسائيڊنٽس جو گهڻو مقدار آهي. جيڪو جسم مان زهريلا مادا خارج ڪندو ۽ الرجي کان تحفظ ڏيندو آهي.

صحت جي هڪ تحقيق موجب اهڙن فائدن جي تصديق ڪئي وئي هئي. ٻه هزار ڏهه ۾ جانورن تي ٿيل هڪ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته مينگو ايڪسٽريڪٽ کاڌي واري نالي ۾ گلوڪوز کي گهٽ جذب ڪندو آهي ۽ بلڊ شگر ليول کي گهٽائيندو آهي.

استعمال جو طريقو

ڏهه کان پندرهن پن پاڻي ۾ اٻاريو ۽ سڄي رات انهن کي ائين ڇڏي ڏيو.

صبح جو ناشتي کان ان کي چانهه وانگر پي ڇڏيو.

انهن پنن جي ڪاڙهي کي ٻن کان ٽن مهينن تائين واپرائڻ سان شگر جي مرض ۾ وڏي لاٿ ايندي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.