ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ شعيب ملڪ ۽ حارث سهيل جي واپسي بابت اهم خبر اچي وئي

ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ لاءِ شعيب ملڪ ۽ حارث سهيل ٽيم ۾ واپسي جو رستو کُلي ويو آهي.

ذريعن موجب عالمي ڪپ لاءِ اعلانيل اسڪواڊ ۾ تبديلين جي امڪان آهي.

ٻن نينشنل ڪوچز خوشدل شاهه ۽ افتخار احمد جي ڪارڪردگي تي سوال اُٿاري ڇڏيا آهن جنهن تي چيف سليڪٽر ۽ ڪپتان صلاح مشوري لاءِ وقت گهري ورتو آهي.

سليڪشن ڪميٽي ۽ ٽيم مئنيجمنٽ پندرنهن آڪٽوبر تائين عالمي ڪپ اسڪواڊ ۾ ڦير ڦار ڪري سگهي ٿي.

ذريعن موجب ٻن نيشنل ڪوچز مشتاق احمد ۽ اعجاز احمد شعيب ملڪ ۽ حارث سهيل کي شامل ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي.

شعيب ملڪ ۽ حارث سهيل جي شموليت انگلينڊ سيرريز تي دارومدار رکي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.