اڳوڻي انگلش ڪپتان بابر ۽ رضوان جي جوڙي ٽوڙڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ناصر حسين قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ۽ وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد جي اوپننگ جوڙي بيٽر شان مسعود سان ٺاهڻ جي تجويز ڏني آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب ڪيئي رڪارڊ ٽوڙڻ ۽ علائقائي ليگ ۾ بهترين ڪارڪردگي کانپوءِ ليفٽ هينڊ بيٽر جي قومي ٽيم واپسي ٿي آهي پر ان باوجود شان کي چوٿين نمبر تي رکندي بابر ۽ رضوان اوپننگ ڪرائي وئي.

ڪائونٽي چيمپيئن شپ ۽ ڊربي شائر جي نمائندگي ڪندڙ شان مسعود کي ويجهي کان ڏسندڙ ناصر حسين جو چوڻ آهي ته شان مسعود هڪ فنشر نه پر هو هڪ اوپنر بيٽر آهي، انگلينڊ خلاف پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ شان مسعود کي چوٿين نمبر تي بيٽنگ لاءِ موڪليو ويو جيڪا ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي ۽ ان وقت رڳو پنج اوور بچا هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.