سج جي خاتمي کانپوءِ ڇا ٿيندو؟ ماهرن ٻڌائي ڇڏيو

سج جي مرڪز ۾ هائيڊروجن ۽ هيليم جي وچ ۾ ڪيميائي عمل جاري آهي، جنهن سبب روشني ۽ حرارت پيدا ٿيندي آهي جنهن سان ٻين معدنيات سان لوهه به ٺهندو آهي.

ماهرن موجب معدنيات ٺهڻ سان سج جوحجم آستي آستي وڌندو آهي ۽ اهو اڄ کان اٽڪل پنج ارب سال کانپوءِ ايترو وڏو ٿي ويندو جو شمسي نظام جي پهرين ٻن گرهن عطارد ۽ زهرو کي ته اندر ڳهي ويندو.

جڏهن ته زمين سان سج گڏ ٿي ويندو، ان حالت ۾ سج ڳاڙهو ٿي ويندو جنهن کي فلڪياتي ٻوليءَ ۾ ”ريڊ جائنٽ“ چئبو آهي.

ماهرن موجب جڏهن سج ريڊ جائنٽ جي حالت ۾ پهچندو آهي ته وڌيڪ وڏو نه ٿيندو جڏهن ته ٻين ستارن وانگر ڦاٽي پوندو ۽ رڳو مرڪز بچندو.

سج ڦاٽڻ کانپوءِ ايئن پکڙندو جيئن هن وقت آسمان ۾ نيبولا پکڙجندو آهي، مادو ضايع نه ٿيندو ۽ ستارا وجود ۾ ايندا.

ماهرن موجب سج جي موت کانپوءِ زمين جو به وجود نه هوندو نه وري زمين تي رهندڙ ماڻهو هوندا.

هنن چيو تيستائين متان انسان ڪائنات جي ڪنهن ٻئي گرهه کي ڳولي وٺي ۽ اتي لڏ پلاڻ ڪري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.