ايلون مسڪ انسانن جهڙي روبوٽس جي فوج ٺاهڻ جو فيصلو ڪري ورتو

دنيا جي امير ترين ماڻهو ايلون مسڪ جي ڪمپني ٽيسلا اليڪٽرڪ ڪارين کان پوءِ انسانن جهڙا روبوٽس متعارف ڪرائڻ لاءِ تيار آهي.

آمريڪي ڪمپني ٽيسلا بوٽ يا آپٽيمس نالي روبوٽس کي پنهنجي فيڪٽريز ۽ ٻين جائين تي رکڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي.

ٽيسلا جي ويبسائيٽ تي نوڪرين جي سيڪشن مان اندازو لڳايو ويو آهي ته ڪمپني روبوٽس کي مختلف ڪمن لاءِ استعمال ڪرڻ چاهي ٿي.

ٽيسلا پاران روبوٽ جي پروٽو ٽائيپ ماڊل کي ٽيهه سيپٽمبر تي متعارف ڪرائڻ جو امڪان آهي.

ايلون مسڪ هڪ تقريب ۾ چيو هو ته روبوٽس کي گهرن ۾ دوست رکي سگهبو جڏهن ته ٽيسلا دنيا جي سڀ کان وڏو روبوٽيڪس ڪمپني آهي ڇاڪاڻ ته گاڏيون به روبوٽس جهريون آهي.

ٽيسلا جي ماهرن موجب نئين روبوٽس بابت لکيو ته اهي اي آءِ ٽيڪنالوجي سان ليس آهن جڏهن ته ماڻهن لاءِ مشڪل ۽ بيزر ڪندڙ ڪم ڪرڻ ۾ ڪم ايندا.

جنوري ٻه هزار ٻاويهه ۾ ايلون مسڪ چيو هو ته انسان جهڙن روبوٽس کي ٽيسلا پلانٽس ۾ استعمال ڪري سگهبو. ماڻهن جي قوت جي کوٽ واري خال کي به ڀريندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.