خبر آهي ته ڪراچي شهر جي ڪهڙي حالت آهي؟: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ  جي جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس ارشد حسين خان تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ڪي اليڪٽرڪ پاران  فيول چارجز ۽ اضافي ٽيڪسز وصول ڪرڻ وار جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، ڪي اليڪٽرڪ پاران عدالت ۾ جواب جمع ڪرايو ويو .جڏهن ته عدالت درخواستگذارکي ان جواب کي پڙهي هفتي جي اندر جواب داخل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، عدالت نپيرا کي 3 ڏينهن ۾ جواب داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 6آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي، عدالت ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي وڪيل چيو ته عدالت پهرين طي ڪري ته هي درخواست ٻڌڻي ڪرڻ جي قابل آهي يا نه آهي؟ حافظ نعيم چيو ته بجلي بلن ۾ ڪي ايم سي يوٽيلٽي چارجز سميت فيول ايڊجسمنٽ جي نالي تي وصولي ڪئي پئي وڃي، ڪراچي جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو آهي .جسٽس حسن اظهر رضوي پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته اسين هن شهر جا رهواسي آهيون اسان کي خبر آهي ته شهر جي ڪهڙي حالت آهي. عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته جيڪڏهن ظلم ختم نه ٿيندو ته ڪراچي جو عوام بل ادا نه ڪندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.