کپرو تعلقو مڪمل ٻڏل، متاثرن جي واهر ڪرڻ به ڪيرنه !

کپرو (رپورٽ: اسلم بوزدار) کپرو،ڍليار، ھٿونگو، لوڻ کاڻ، ڀٽ ڀائٽي ۽ ٻين علائقن ۾ هڪ مهينو گذرڻ باوجود برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو جڏهن ته هزارين متاثر روڊن جي ڀر ۾ کليل آسمان هيٺ بي يار و مددگار ويڍل آھن.هوڏانهن حڪومت توڙي چونڊيل نمائندن ٻوڏ  متاثرن جي ڪا به سار نه لڌي آهي،ٻوڏ متاثر بکن ۾ پاهه ٿي ويا آهن.ٻئي طرف ٻنين ۾ پاني بيٺل هئڻ ڪري چيٽ جوفصل ٿيڻ مشڪل بڻجي ويو آهي. برسات متاثرن ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته هڪ مهيني کان پاڻي بيٺل هئڻ ڪري اسان وٽ مڇرن جو آزار آھي، مڇرن اسان جون ننڍون حرام ڪري ڇڏيون، اسان کي راشن خيمن ۽ مڇرداڻين جي ضرورت آھي، اسان جا ٻچا بکن تي آهن ڪير به اسان جي واهر ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، اسان جا فصل ٻڏي ويا اسان جو گذارو زرعي زمين تي هو، اسان هاري ڪٿان پيٽ پاليون. هنن وفاقي حڪومت، سنڌ حڪومت، ڊي سي سانگهڙ۽  وفاقي وزير شازيه مري کان مطالبو ڪيو ته اسان جي گهرن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي ڏنو وڃي، امدادي راشن توڙي مڇرداڻيون ۽ خيما ڏنا وڃن ته جيئن اسان پنهنجي ٻچن کي مليريا کان بچائي سگهون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.