حڪومت سازش تحت سنڌ ٻوڙائي آهي: رياض چانڊيو

گلشن اقبال (ن ع آ) سرڪار طرفان ھٿ وٺي سنڌ ٻوڙڻ ۽ ٻوڏ متاثرن جي بحالي جي حوالي سان جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي باڊيء جو خصوصي اجلاس پارٽي چيئرمين رياض علي چانڊيو جي صدارت ھيٺ ٿي گذريو اجلاس ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ ڊويزنل سطح تي بحالي ڪانفرنسون ڪوٺائڻ جو فيصلو ڪيو ويو 29 سيپٽمبر تي ميرپورخاص ۾ بحالي ڪانفرس سڏائي ويندي 4 آڪٽوبر تي لاڙڪاڻي ۾ بحالي ڪانفرنس بعد ۾ ڪراچي ۾ وڏو احتجاج ڪيو ويندو پھرين آڪٽوبر تي سکر ۾ ڪانفرنس ٿيندي اجلاس ۾ ڳالھائيندي پارٽي چيئرمين رياض علي چانڊيو چيو ته اسلام آباد جي حڪمرانن بلخصوص شھباز شريف بلاول زرداري مولانا فضل رحمان خالد مقبول صديقي ۽ ٻيا گڏيل حڪومت جي اتحادين ۽ سڄي ملڪي مشينري معنظم سازش تحت سنڌ کي ٻوڙايو آھي جنھن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا ڪو به ملڪي ادارو نه ھو جيڪو ھنن حالتن ۾ عوام کي ريسڪيو ڪري ۽ رليف ڏئي پلاننگ تحت سنڌ جا ڳوٺ شھر ٻوڙايا ويا فصل تباھ ڪيا ويا ۽ سڄو ڪاروبار ملڪيتون پاڻي ۾ ٻوڙائي غرق ڪيون ويون لکن جي تعداد ۾ چوپايو مال مري ويو يونيسيف چئي ٿي ته ھن وقت ھڪ ڪروڙ 60 لک ماڻھو موت ۽ زندگي جي ٻ واٽي تي بيٺا آھن جيڪي ڪالرا گيسٽرو چمڙي مليريا ڊينگي ۽ ٻين موذي مرضن جو شڪار آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.