ميرپورخاص ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ آيل راشن ۾ پنهنجا نوازي

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ فراهم ڪيل ڪروڙين رپين جي راشن ۾ پنهنجا نوازي ۽ متاثرن سان ٻيائي ڪرڻ جو  انڪشاف ٿيو آهي. ذريعن موجب بااثر اڳواڻن پاران سندن بنگلن تي مدد لاءِ ايندڙ تمام متاثرن کي خوش ڪرڻ لاءِ کين لاڳاپيل ڪاموري جي آفيس يا  گدام مان راشن حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ پرچي لڳي ڏني وڃي ٿي. ذريعن موجب راشن ورهائڻ لاءِ موجود عملي کي واضح هدايت ڪئي وئي آهي ته جنهن پرچي تي مخصوص نشان هجي ان کي راشن فراهم ڪيو وڃي ۽ جنهن پرچي تي ڪوڊ ورڊ وارو نشان موجود نه هجي ان متاثر کي پاڻ وٽ ويهاري کيس دلاسا ڏئي راشن موجود نه هجڻ جو جواز ٻڌاي کيس هڪ هفتي بعد اچڻ جو چئي روانو ڪيو وڃي. ذريعن موجب متاثرن کي اڳواڻن پاران فراهم ٿيندڙ پرچين ۾ هڪ اڳواڻ پاران تاري (اسٽار) جڏهن ته ٻي اڳواڻ پاران تير جو ڪوڊ ورڊ مقرر ڪيو ويو آهي. اڳواڻن پاران راشن حاصل ڪرڻ لاءِ ايندڙ تمام متاثرن کي راشن فراهم ڪرڻ لاءِ پرچي جاري ڪري کيس راشن حاصل ڪرڻ لاءِ موڪليو وڃي ٿو پر جاري ڪيل سوين پرچين مان مس 30 کان 40 سيڪڙو پرچين تي مقرر ڪيل ڪوڊ ورڊ جا نشان لڳايا وڃن ٿا. ذريعن موجب جاري ڪيل پرچين راشن ورهائڻ لاءِ مقرر عملو پرچين تي نشان ڏسي ڪوڊ ورڊ واري پرچي رکندڙ کي اڳتي موڪليو وڃي ٿو جڏهن ته بنا ڪوڊ ورڊ وارن کي بهانا بڻائي واپس ڪيو وڃي ٿو جنهن ڪري ضرورتمند متاثر اڳواڻن ۽ ڪامورن جي آفيسن جا چڪر ڪاٽڻ بعد مايوس ٿي واپس موٽي وڃن ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.