ميهڙ ۾ اڳوڻي يوسي چيئرمين طرفان متاثرن لاءِ طبي ڪئمپ

ميهڙ (ت ر) ميھڙ ۾ اڳوڻي يو سي چيئرمين اربيلو مھيسر پاران ميھڙ ڀرسان ڳوٺ پوراچو ۾ ٻوڏ ۽ برسات متاثرين لاء مفت طبي ڪئمپ  لڳائي وئي مفت طبي ڪئمپ ۾ نالي وارن ڊاڪٽرن اعجاز شيخ ، ڊاڪٽر غلام مرتضي مگسي ۽ ٻين پاران 500 کان وڌيڪ مريضن کي چڪاس ڪري مفت دوائون ڏنيون ويون ان موقعي تي اڳو ڻي يو سي چيئرمين اربيلو مھيسر چيو ته ٻوڏ ۽ برسات سبب تمام گھڻو نقصان ٿيو آھي يوسي جي ڳوٺن ۾ پنھنجي مدد پاڻ تحت طبي ڪئمپون لڳائي رھيا آھيون سماجي ادارا متاثرين جي واھر لاء اڳتي اچن ان موقعي تي وڪيل رضوان حيدر تنيو ، نيشنل پريس ڪلب ميھڙ صدر عبدالرحمن قمبراڻي ،منظور مھيسر، مير صابر ڪولاچي ، سجاد مھيسر ، ٽقلين مھيسر ۽ ٻين رضاڪارانا خدمتون سرانجام ڏنيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.