نندو لڳ زمين جي مالڪي تان تڪرار، هڪ ٻئي تي قبضي جا الزام

نندو ( ن  ع آ)نندو لڳ مٺي 3 جي ديهه سهتا ۾ 47 ايڪڙ زمين تي ٻن ڌرين جي تڪرار بعد  ڌرين هڪ ٻئي مٿان زمين تي قبضي جو الزام  هڻي ڇڏيو. ان سلسلي ۾ زمين جي مالڪي جي دعوا ڪندڙ ناري شائسته سنڌو جٽ ايس ايس پي بدين شاهنواز چاچڙ کي درخواست ڏيندي پنهنجو موقف ڏنو آھي ته ديهھ سهتا جا بااثر رهواسي مير محمد سرڪي ۽ الھڏنو سرڪي بااثر وڏيري نواز سرڪي سان گڏجي منهنجي گهر تي حملو ڪري روڪ رقم  2 لک 95 هزار رپيه، موبائيل فون سميت ضروري ڪاغذ کڻڻ سان گڏ زرعي زمين تي قبضو ڪري ويهي رهيا آھن. هن وڌيڪ چيو ته بااثر ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن ته ڪنهن کي به شڪايت ڪئي جان کان ماري ڇڏيندا سين .هوڏانهن نندو پريس ڪلب ۾ مخالف ڌر جي محمد ضياءُ الله مغل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 47 ايڪڙ  زرعي زمين  پاڪ آرمي طرفان هن جي والد محمد منور جيڪو آرمي ۾ صوبيدار هو، اها هو هارين ذريعي سنڀالي رهيو آھي پر مقامي ڏوهارين سان گڏجي ڄاڻايل عورت واويلا ڪري رهي آھي. هن آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي بدين کان گهر ڪئي ته ساڻس انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.