لاڙڪاڻي پوليس جي نئون ديرو ۾ ڪارروائي افغاني شهري گرفتار

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻو پوليس نئون ديرو ۾ ڪاروائي ڪري پرڏيهي افغاني شهري کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس گرفتار پرڏيهي مٿان نئون ديرو  ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ نئون ديرو ٿاڻي جي پوليس حد جي علي محمد وانڊ واري علائقي ۾ بغير شناختي دستاوزين جي پرڏيهي شهري کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ان حوالي سان ايس ايس پي لاڙڪاڻو آصف رضا بلوچ ٻڌايو ته گرفتار پرڏيهي جاچ دوران پنهنجو نالو سحر گل ولد هزار گل ذات علي خيل ۽ افغانستان جي شهر لقمان جو رهواسي ٻڌايو آهي جنهن مٿان سرڪار طرفان گناهه نمبر 2022/79 قلم 14-4/3 فارينر ايڪٽ جي تحت ڪيس داخل ڪري کانئنس جاچ ڪري رهيا آهيون جيڪڏهن پرڏيهي جا ٻيا به ساٿي ڪٿي ترسيل هوندا ته انهن خلاف به ڪاروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.