عمران خان ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جا گُڻ ڳائڻ لڳو

لاهور(ويب ڊيسڪ)اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان لاهور ۾ وڪيلن جي ڪنوينشن کي خطاب ۾ سياسي مخالفن تي سخت تنقيد ڪئي آهي.

لاهور ۾ خطاب دوران عمران خان ڇنڇر ڏهاڙي کان تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ عوام کي درخواست ڪئي ته جڏهن مان اهڙو سڏ ڏيان ته مون سان گڏ ٻاهر نڪرو.

عمران خان ڪنوينشن ۾ تقرير دوران چيو ته توهان ڪڏهن ٻڌو آهي، مونکي ڪو به هڪ اولهه جو ملڪ ڏيکاريو جتي جمهوري نظام هلندو هجي، اهڙو اولهه جو ملڪ ٻڌايو جنهن جي وزيراعظم جون ٻاهرين ملڪ ۾ ملڪيتون هجن؟ ٻيو ته ڇڏيو، پر هي جيڪو پاڙيسري ملڪ انڊيا آهي ان جي وزيراعظم نريندر مودي جون ٻاهرين ملڪ ۾ ڪي ملڪيتون آهن؟

سندس چوڻ هو ته ڪو سوچي به نٿو سگهي ته ملڪ جو وزيراعظم اربين رپين جا محل ۽ بزنس ٻاهرين ملڪ وڃي ڪري.

You might also like
1 Comment
  1. علي بروھي / Ali Brohi says

    ”عمران خان ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جا گُڻ ڳائڻ لڳو“
    ”عمران خان ڪنوينشن ۾ تقرير دوران چيو ته توهان ڪڏهن ٻڌو آهي، مونکي ڪو به هڪ اولهه جو ملڪ ڏيکاريو جتي جمهوري نظام هلندو هجي، اهڙو اولهه جو ملڪ ٻڌايو جنهن جي وزيراعظم جون ٻاهرين ملڪ ۾ ملڪيتون هجن؟!؟!؟؟“
    ٻيو ته ٺھيو، پنهنجي پاڙيسري ملڪ جي وزير اعظم جو به ٻاھر ڪو اڪائونٽ ڪونهي شرم جي ڳالھ آھي ٻڏي مرو سيوھڻ وٽ سيلاب واري پاڻئَ ۾
    ”سندس چوڻ هو ته ڪو سوچي به نٿو سگهي ته ملڪ جو وزيراعظم اربين رپين جا محل ۽ بزنس ٻاهرين ملڪ وڃي ڪري.“
    آءٌ ٿو چوان هن وقت سڀ ملڪ سان دشمني ڪري رھيا آھن سواءِ هڪري عمران خان جي!!!، سڀيئي ٺڳن، چورن ۽ لٽيرن جا ٽولا ملڪ خلاف آھن!!!

Leave A Reply

Your email address will not be published.