عدالت جي ڪري پينا ڊول ملي هاڻي اٽو به ملڻ گهرجي: شيخ رشيد جي ٽوئيٽ

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته هڪ مقرري سڀني جي ڀاري ٿي وئي آهي، چونڊون ئي ملڪي استحڪام جو واحد حل آهن.

ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شيخ رشيد چيو ته اڄ ٻن وزيرن جي واڌ کانپوءِ ڪابينا ميمبرن جو انگ 72 ٿي ويو آهي، ماڻهن ٻوڏ ۽ ڊينگي وگهي مري رهيا آهن جڏهن ته حڪمران آمريڪا جي مهانگن ترين هوٽلن ۾ ترسيل آهن.

هن وڌيڪ لکيو ته هڪ مقرري سڀني تي ڀاري ٿي وئي آهي، وقت اچڻ تي صوبائي اسيمبليون ٽوڙي سگهجن ٿيون، پي ڊي ايم چونڊن کان ڀڄي رهي آهي پر اليڪشن کي ملڪي استحڪام جو واحد حل آهي.

پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ بابت شيخ رشيد چيو ته رات ٻئين وڳي پيٽرول تي راتاهو هڻي هڪ ڏيڍ رُپيو واڌ ڪئي وئي، هر روز رپئي جي قدر ۾ مسلسل لاٿ اچي رهي آهي.

هن وڌيڪ لکيو ته هتي طاقتور بي ڏوهه ۽ غريب ڏوهي قرار ڏنو ويو آهي، هن چيو ته هاءِ ڪورٽ پئناڊول ڏياري هاڻي اٽو به وٺرائي ڏئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.