احسن اقبال نارووال اسپورٽس سٽي ڪيس مان بري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وفاقي وزير احسن اقبال خلاف نارووال اسپورٽس سٽي ڪمپليڪس جو ريفرنس خارج ڪري ڇڏيو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله احسن اقبال خلاف نارروال اسپورٽس سٽي ڪمپلڪيس خارج ڪندي چيو ته سپريم ڪورٽ سياسي انجنيئرنگ تي فيصلو جاري ڪيو هو، ڇا هي سياسي انجنيئرنگ جو بهترين ڪيس ناهي؟

چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته نيب آرڊيننس ۾ ڇا توهان وٽ ائين ڪرڻ جو اختيار آهي؟ ڪير ذميوار آهي؟ احد چيما بري ٿي ويو آهي نه؟ 3 سال توهان ان کي گرفتار رکيو، احمد چيما بهترين آفيسر هيو، ڪير ذميوار آهي ان سڀ جو؟

اسلا آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته شهرين جي ڀلائي لاءِ پراجيڪٽ کي روڪي ڇڏيو، توهان نقصان پهچايو يا مارشل لا وارن، توهان احسن اقبال کي پڪڙي ورتو.

عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ احسن اقبال خلاف نارروال اسپورٽس سٽي ڪمپليڪس جو ريفرنس خارج ڪري ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.