آرمي چيف جي مقرري مسئلو بڻايو ويو آهي: سراج الحق

لاهور(پ ر)جماعت اسلامي پاڪستان جي امير سراج الحق چيو آهي ته گلگت بلتستان ۾ هڪ طرف غربت، بيروزگاري ۽ ٻئي طرف مهانگائي عوام جي زندگي  اجيرن ۽ مفلوج بڻائي ڇڏي آهي. گلگت بلتستان ۾ خوراڪ  جا اگهه ملڪ جي ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهن. تعليم جي شرح وڌڻ باوجود علائقي جا هزارين نوجوان بيروزگار آهن ۽ ڏينهن و ڏينهن محرومي وڌي رهي آهي،هن  چيو ته سخت موسمي صورتحال سبب ٻوڏ متاثرن لاءِ خيمن ۾ وقت گذارڻ مشڪل ٿي ويو آهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون گهرن جي تعمير لاءِ ماڻهن کي فوري امداد فراهم ڪن، هن چيو ته فوج جي نئين ارمي چيف جي مقرري مسئلو بڻايو ويو آهي، پاڪستان کي فائدو نه نقصان ٿيندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.