ڪراچي ۾ ڊريپ جي ڪارروائي، جعلي دوائون هٿ، فيڪٽري سيل

ڪراچي ( رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) ڪراچي جي پورٽ قاسم ۾ ڊريپ پاران جعلي دوائن جي ڪمپني تي ڇاپو، ٽيڪنيڪل  ٽيم کان سواءِ ٺاهيل غير قانوني دوائن جي وڏي مقدار هٿ ڪري فيڪٽري کي سيل ڪري ڇڏيو. قومي صحت واري وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي سنڌ جي عملدارن صوبائي ڊرگ ڪنٽرول ڊپارٽمينٽ سان گڏجي ڪراچي جي پورٽ قاسم واري علائقي ۾ دوا ٺاهيندڙ ڪمپني تي ڇاپو هنيو. ترجمان جو چوڻ هو ته فيڪٽري ۾ صفائي جي نامناسب صورتحال دوران جعلي، غير رجسٽرڊ دوائن جي تياري غير ٽيڪنيڪل ٽيم ۽ مائڪرو بائيولاجي ليبارٽريز کان ٿي رهي هئي. ڊريپ اختيارين فيڪٽري انتظاميا کي 28 ڏينهن تائين تيار ڪيل دوائن جي شڪي اسٽاڪ کي ڊسپوز نه ڪرڻ جو حڪم ڏيندي پيداواري سرگرميون بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سي اي او ڊريپ ڊاڪٽر عاصم رئوف چيو ته فيڪٽري انتظاميا خلاف ڊريپ ايڪٽ تحت ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي، دڪانن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن،

  • پهريون ٽي ٽوئنٽي: انگلينڊ پاڪستان کي 6 وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو

ڪراچي (م ڊ) انگلينڊ جي ٽيم پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي 7 ميچن جي سيريز ۾  0-1 جي سرسي حاصل ڪري ورتي.ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان کيڏندي پاڪستان مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 158 رنسون ٺاهيون.محمد رضوان 68، ڪپتان بابر اعظم 31، افتخار احمد 28 رنسن جي اننگز کيڏي، حيدر علي 11، شان مسعود 7، محمد نواز 4، خوشدل شاهه 5 رنسون ٺاهيون.انگلينڊ طرفان ليوڪ ووڊ 3، عادل رشيد 2، جڏهن ته سيم ڪوران ۽ معين علي 1-1 وڪيٽ ورتي.جواب ۾ انگلينڊ جي ٽيم گهربل هدف 4 وڪيٽن جي نقصان تي 4 بال اڳ ۾ حاصل ڪري ورتو.مهمان ٽيم جي ايليڪس هيلز 53 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، هيري بروڪ 42، بين ڊڪٽ 21، ڊيوڊ ملان 20 رنسون ٺاهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.