سيوهڻ جي متاثرن ۾ مليريا ۽ گيسٽرو پکڙجي وئي، 1500 اسپتال ڀيڙا

سيوھڻ(رپورٽ: خالد ميمڻ)سيوھڻ ۾ مختلف شھرن کان آيل سوين ٻوڏ متاثر بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن ۽ انھن ۾ ميلريا ۽ گيسٽرو ڦھلجي وئي آهي. ٻوڏ سٽيل علائقن سان تعلق رکندڙ سوين ماڻهن ۾ گيسٽرو, ملريا ۽ ڊينگي بخار ۾ تيزي سان اضافو ٿيڻ بعد ٻوڏ متاثرن مريضن سان سيوھڻ انسٽيٽيوٽ اسپتال سٿجي وئي آهي ۽ سيوھڻ جي سيد عبدالله شاھ انسٽيٽيوٽ اسپتال ۾ چويھن ڪلاڪن ۾ 1500 کان وڌيڪ ٻارڙا مرد توڙي عورتون ملريا بخار ۽ گيسٽرو وگھي اسپتال داخل ٿي رھيا آهن جنهن ۾ مختلف شھرن کان آيل ٻوڏ متاثرين انگ وڌيڪ آهي ۽ اھي ملريا بخار ۽ گيسٽرو ۽ ڊينگي ۾ وٺجي ويا آهن. ان سلسلي ۾ ڊائريڪٽر سيد عبدالله شاجھ انسٽيٽيوٽ ڊاڪٽر معين الدين صديقي ٻڌايو آهي ته اسپتال ۾ روزانو جي بنياد تي ٿيندڙ او پي ڊي ۾ 600 کان وڌيڪ مريض اسپتال پھچن ٿا جيڪي صرف ملريا بخار ۽ ڊائريا جا مريض آهن, رليف ڪئمپن ۾ ترسيل ٻوڏ متاثرين کي پيئڻ جو صاف پاڻي نه  ملڻ ۽ رات ڏينھن چانورن جو کاڌو کائڻ سبب مريضن جو انگ وڌي رھيو آهي ان ڪري اسپتال ۾ گنجائش کان وڌيڪ بيڊن تي مريض داخل آھن. ھن چيو ته اسان وٽ ڊينگي جي مريضن جا گھٽ ڪيس آيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.