ڪنڊيارو لڳ پراڻي تڪرار تان ڇڪتاڻ، فائرنگ نوجوان مارجي ويو

ڪنڊيارو ( رپورٽ: محمد سومر گهانگهرو ) ڪنڊيارو  ڀرسان ڪچي جي علائقي ڳوٺ گهر پنهنجا ۾ زمين جي مالڪي تان ڪلهوڙا ۽ چانڊيا  برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي هلندڙ تڪرار ٻيهر ڪر کنيو آھي، جنهن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ  جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب 30 سالن جو نوجوان صدام پٽ نظير احمد  چانڊيو ٿڏي تي مارجي ويو، نوجوان جولاش ڀاڳوديرو پوليس ڪنڊيارو اسپتال پهچايو جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ڪنڊيارو اسپتال ۾ موجود مقتول نوجوان جي پيءُ نظير چانڊيو صحافين کي ٻڌايو ته درياءِ جو پاڻي لهي وڃڻ بعد هو پنهنجي ڳوٺ ڏانهن واپس وڃي رهياهيا ته سندن زمين تي ڪلهوڙا برادريءَ جا هٿياربند ويٺل هئا جن ڏسندي سڌي فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو. ذريعن موجب ڌرين ۾ زمين جي تڪرار جو معاملو ڪافي مهينن کان هلندڙ آھي، جنهن ۾ هڪ پيرسن عورت به مارجي چڪي آھي،معاملي ۾ ڇڪتاڻ ۽ فائرنگ جي اطلاعن باوجود ڀاڳوديرو ۽ پپري پوليس حد جو معاملو ڄاڻائي ڪن لاٽار ڪندي رهي جنهن جي نتيجي  ۾ هڪ وڌيڪ جان هلي وئي، آخري اطلاعن موجب قتل واقعي جو ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو  ۽ نه ئي وري گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.