ميروخان: برسات متاثرن جو مينهن جو پاڻي نيڪال ۽ واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج

ميروخان ۾ برسات متاثرن پاران مينهن جو پاڻي نيڪال ۽ واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

شهر جي بروهي پاڙي جي برسات متاثرن بشير بروهي، لطف علي، عبدالحميد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ عرضي ڀٽو چوڪ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته برسات سبب گھر ڊهي پٽ ۽ فصل تباهه ٿي ويا آهن، جڏهن ته پاڙي اندر گيڏو جيڏو پاڻي بيٺل آهي پر انتظاميا واهر نه پئي ڪري.

سندن چوڻ هو ته واهر لاءِ ڪيترائي ڀيرا مقامي اڳواڻن ۽ وارڊ هڪ جي جنرل ڪائونسل وٽ ويا آهيون، پر نه امدادي سامان پيو ڏنو وڃي ۽ نه ئي اڃا تائين پاڻي نيڪال ڪرايو ويو آهي.

اڳواڻن سنڌ سرڪار ۽ پ پ جي اعليٰ قيادت کان مطالبو ڪيو ته هن ڏکي گھڙي ۾ سندن واهر ڪري ڏکيائين کان بچايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.